$header_html

Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye

آهي؟ ارشاد فرمايائون: مرد زنا ڪندو آهي پوءِ توبھ ڪندو آهي ته الله پاڪ ان جي توبھ قبول فرمائيندو آهي ۽ غيبت ڪرڻ واري جي تيستائين مغفرت نه ٿيندي جيستائين اهو معاف نه ڪري ڇڏي جنهن جي غيبت ڪئي اٿس.[1] (3): رسولِ خدا، احمدِ مجتبٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن معراج ڪرايو ويو ته مان اهڙن ماڻهن وٽان گذريس جَن جا ننهن ٽامي جا هئا ۽ اهي پنهنجن ننهن سان پنهنجن چهرن ۽ سينن کي پَٽي رهيا هئا، مون پڇيو: اي جبريل! عَلَيۡهِ السَّلام، هي ماڻهو ڪير آهن؟ انهن چيو: هي اهي ماڻهو آهن جيڪي ماڻهن جو گوشت کائيندا ۽ انهن جي عزّت پامال ڪندا هئا.[2] (4): پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: جنهن دنيا ۾ پنهنجي ڀاءَ جو گوشت کاڌو ان وٽ قيامت جي ڏينهن ان جي ڀاء جو گوشت آندو ويندو ۽ ان کي چيو ويندو ته تون جهڙيءَ طرح دنيا ۾ پنهنجي مئلَ ڀاء جو گوشت کائيندو هئين هاڻي جيئري جو گوشت کاءُ اهو رڙيون ڪندو ۽ چهرو بگاڙيندي کائيندو.[3]

پيارا اسلامي ڀائرو! غيبت، بدگماني، تجسس ۽ مسلمانن جي دل آزاري وغيره کوڙَ سارن گناهن جي بابت تفصيلي معلومات جي لاءِ شيخِ طريقت اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو ڪتاب غيبت جون تباھ ڪاريون (جنهن ۾ اوهان ڄاڻي سگهندؤ غيبت جا 18 سئو کان وڌيڪ مثال، غيبت ڪرڻ واري کان جان ڇڏائڻ جو طريقو، غيبت جون جائز صورتون، غيبت کان بچڻ جو انوکو طريقو، غيبت جي باري ۾ سوال ۽ جواب ۽ ان کان علاوه غيبت جي باري ۾ ڪافي معلومات) ۽ رسالو احترامِ مسلم پڙهي وٺو! اهڙي طرح مڪتبة المدينه جا ڪتاب (1): تڪليف نه ڏيو(2): گناھن جا عذابات (3): بدگماني (4): ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارا اعمال به خريد ڪريو! انهن کي پڙهو ۽ علم جو خزانو حاصل ڪريو!

اسلامڪ اي بُڪ لائبريري جو تعارف

توهان هي ڪتاب اسلامڪ اي بُڪ لائبريري تان مفت ڊائون لوڊ به ڪري سگهو


 

 



[1]...شُعب الایمان،  باب تحریم اعراض الناس، جلد:5، صفحہ:306، حدیث:6741۔

[2]...ابو داؤد، کتاب الادب، صفحہ:765، حدیث:4878۔

[3]...معجم الاوسط، جلد:1، صفحہ:450، حدیث:1656۔



$footer_html