$header_html

Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye

هو ويو، جان ڇٽي، ³ ڏيڍ هوشيار آهي ³ ڳالھ ڳالھ تي کلندو هو وغيره. اهڙي طرح مُسۡتَحَبّات ۽ نوافل ۾ سستي ڪرڻ واري جي باري ۾ هن طرح چوڻ: ³ ان زندگيءَ ۾ ڪڏهن به عاشوري جو روزو نه رکيو ³ هو اوّابين ڇا پڙهندو! ان کان هي ته پڇيو ته هي نوافل ڪهڙي وقت پڙهيا ويندا آهن ³ هو تَبَرُّڪ چئي ڪري نِيازُ(خيرات) ته کائيندو آهي پر ان جي لاءِ چندو ڪڏهن به ناهي ڏيندو.[1]

غيبت جي بابت احڪام

پيارا اسلامي ڀائرو! هي به مسلمان جي عزّت مان آهي ته اسان ان جي غيبت نه ڪريون، نه ئي ٻڌون جو (1): غيبت ڪبيره گناه، قطعي حرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي (2): غيبت کي حلال ڄاڻڻ وارو ڪافر آهي (3): غيبت ڪرڻ وارو فاسق ۽ گناھگار ۽ عذابِ نار جو حق دار ٿيندو آهي (4): شرعي مجبوريءَ بنا غيبت ٻڌڻ وارو به غيبت ڪرڻ واري وانگر ئي گناھ گار ٿيندو آهي. [2]

غيبت جي مذمت ۾ 4 حديثون

(1): فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته غيبت ڇا شيءِ آهي؟ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم عرض ڪيو: اللہُ وَرَسُوْلُہٗ اَعْلَم الله ۽ ان جا رسول صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بهتر ڄاڻين ٿا. ارشاد فرمايائون: توهان پنهنجي ڀاءُ جو اهو عيب بيان ڪريو جنهن جي ذڪر کي هو ناپسند ڪندو هجي. عرض ڪيو ويو: ان جي باري ۾ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي ته جيڪڏهن منهنجي ڀاء ۾ اهو عيب موجود هجي جنهن کي مان بيان ڪريان ٿو. ارشاد فرمايائون: توهان جيڪو عيب بيان ڪري رهيا آهيو جيڪڏهن اهو ان ۾ موجود هجي تڏهن ئي ته اها غيبت آهي ۽ جيڪڏهن ان ۾ اهو عيب ناهي ته پوءِ اهو بهتان آهي.[3] (2): الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: غيبت زنا کان به سخت آهي. ماڻهن عرض ڪيو، يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! غيبت زنا کان سخت ڪيئن


 

 



[1]...گناہوں کے عذابات، حصہ:1، صفحہ:27۔

[2]...گناہوں کے عذابات، حصہ:1، صفحہ:27۔

[3]...مسلم، کتاب البر والصلۃ، صفحہ:1002، حدیث:2589۔



$footer_html