Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي گهرجي ته شريعت جي دائري ۾ رهندي ٻين جي عيبن تي پردو وجهندا ڪريون. بخاري شريف جي حديث پاڪ آهي، رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جنهن ڪنهن مسلمان جي عيب تي پردو وڌو، الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ان جي عيبن تي پردو وجهندو.[1] حضرت عبد الله بن عبّاس رَضِىَ اللهُ عَـنْهُما فرمائن ٿا: جڏهن توهان پنهنجي ساٿيءَ جا عيب ذڪر ڪرڻ جو ارادو ڪريو ته (ان وقت) پنهنجي عيبن کي ياد ڪريو.[2] الله پاڪ اسان کي ٻين جي عيبن ڳولهڻ کان بچڻ، پنهنجن عيبن کي ڳولهڻ ۽ انهن جي اصلاح ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي، آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ.
اجتماعي زندگيءَ جي آدابن مان ڇهون ادب هي آهي ته ڪنهن مسلمان ڀاءُ جي غيبت نه ڪئي وڃي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ لَا یَغْتَبْ بَّعْضُكُمْ بَعْضًاؕ- (سيپارو:26،سورة حجرات:12)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ هڪٻئي جي گلا نه ڪيو.
ڪنهن جي باري ۾ ان جي غير موجودگي ۾ اهڙي ڳالھ ڪرڻ جيڪڏهن اهو ٻڌي وٺي يا ان کي پهچي وڃي ته ان کي ناپسند لڳي ان کي غيبت چئبو آهي. [3]
مثال طور ڪنهن جي مجلس مان اٿي وڃڻ کان بعد هن طرح چوڻ: ³ يار!