$header_html

Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye

پڙهندو آهين يا نه؟  ³ ڪنهن نوڪر رکيو ته ان کان پڇڻ: توهان جو نئون نوڪر ڪم ته صحيح ڪندو آهي يا نه؟ هي به بنا اجازتِ شرعي پڇڻ عيب ڳولهڻ آهي ۽ ان سوال جي جواب ۾ پورو خطرو آهي ته جنهن کان پڇيو ويو اهو نوڪر جي باري ۾ ڪم ۾ سست، حرام خور وغيره چئي ڪري گناھگار ٿي وڃي ³ اهڙي طرح بنا اجازتِ شرعي ڪنهن جو ڪو عيب مَعۡلوم ڪرڻ جي لاءِ ان جي پويان لڳڻ، ان جي گهر ۾ جهاتي پائڻ وغيره به تَجَسُّس ۾ داخل آهي.

تَجَسُّس بابت 2 احڪام

(1): مسلمان جي عيب جوئي (يعني ان جا عيبَ ڳولهڻ) حرام آهي(2): نوڪر رکڻ يا ڪٿي شاديءَ جو ارادو آهي ته ضرورت جي مطابق مَعۡلُومات وٺڻ گناھ ناهي.[1]

مسلمانن جي عيبَن ڳولڻ جي مذمت

حديثِ پاڪ ۾ آهي: رسولِ خدا، احمدِ مجتبٰي صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ جن فرمايو: اي اهي انسانو جن زبان سان ته ايمان آندو اٿوَ پر توهان جي دل ۾ اڃان تائين ايمان داخل ناهي ٿيو! مسلمانن جي غيبت نه ڪريو ۽ نه ئي انهن جي عيبن کي ڳولهيو ڇو جو جيڪو پنهنجي مسلمان ڀاءَ جو عيب ڳولهيندو الله پاڪ ان جو عيب ظاهر فرمائي ڇڏيندو ۽ الله پاڪ جنهن جو عيب ظاهر فرمائي ڇڏي ته ان کي رُسوا ڪري ڇڏيندو آهي توڙي جو اهو پنهنجي گهر جي اندر (لِڪي ڪري ويٺو) هجي.[2] اي عاشقانِ رسول! هن مان معلوم ٿيو ته مسلمان جي غيبت ڪرڻ ۽ انهن جا عيب ڳولهڻ منافقن جو ڪم آهي، هي به معلوم ٿيو ته ٻين جي عيبن کي ڳولهڻ جو انجام ذلّت ۽ رُسوائي آهي جو جيڪو شخص ٻين جا عيب ڳولهيندو آهي، يقيناً ان ۾ به ڪو نه ڪو عيب ضرور هوندو ۽ ممڪن آهي ته اهو عيب اهڙو هجي جنهن جي ظاهر ٿيڻ سان اهو معاشري ۾ ذليل ۽ خوار ٿي وڃي. لهٰذا عيب ڳولهڻ وارن کي هن ڳالھ کان ڊڄڻ گهرجي ته انهن جي هن حرڪت جي ڪري ڪٿي الله پاڪ انهن جا اهي لڪيلَ عيبَ ظاهر نه فرمائي ڇڏي جنهن سان اهي ذلت ۽ رُسوائيءَ جو شڪار ٿي وڃن.


 

 



[1]...گناہوں کے عذابات، حصہ:1، صفحہ:32۔

[2]...ابو داؤد، کتاب  الادب، باب فی الغیبۃ، صفحہ:765، حدیث:4880۔



$footer_html