$header_html

Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                 صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن چادر عطا فرمائي

   حضرت جرير بن عبد الله بَجَلي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ صحابيءِ رسول آهن، پاڻ 10 سن هجري، رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ اسلام قبول ڪيائون، تمام گهڻا حسين ۽ جميل ۽ خوبصورت هئا، حضرت عمر فاروق اعظمرَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو فرمان آهي: جَرِیْرُ یُوسُفُ ہٰذِہِ الْاُمَّۃِ جرير بن عبد الله هن امّت جا يوسف آهن. [1] هڪ ڀيري سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي مبارڪ حُجري ۾ تشريف فرما هئا، صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم حاضر ٿيا، ايستائين جو حُجرو مبارڪ ڀرجي ويو، وڌيڪ ڪنهن جي ويهڻ جي جڳھ باقي نه هئي، حضرت جرير بن عبد الله بَجَلي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ  به اچي ويا ، جڳھ ته هئي ڪونه، تنهنڪري پاڻ دروازي تي ئي ويهي رهيا، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ان کي ڏٺو ته پنهنجي چادر مبارڪ ويڙهي ڪري انهن ڏانهن اڇلائي  فرمايائون: جرير! هيءَ چادر وڇائي هن تي ويهي رهو...! الله اڪبر! سرورِ انبياء، محبوبِ خدا
صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي طرفان اهڙي عزّت افزائي ڪا معمولي ڳالھ نه هئي، هاڻي صحابيءِ رسول حضرت جرير بن عبد الله بَجَليرَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جو ادب ۽ عشقِ رسول ڏسو! پاڻ چادر مبارڪ کي زمين تي ڪرڻ نه  ڏنائون، جهَٽي ڪري چادر مبارڪ کي هٿن تي کڻي ورتائون، ان کي چميائون ۽ اکين سان لڳائي بي اختيار روئڻ لڳا، روئيندي روئيندي عرض ڪيائون: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان مونکي عزّت ڏني، الله پاڪ توهان جي عزتن ۾ اڃان وڌيڪ اضافو فرمائي، منهنجي اها مجال ناهي جو مان توهان جي مبارڪ چادر تي ويهان، اهو چئي ڪري پاڻ چادر مبارڪ بارگاھِ رسالت ۾ پيش ڪئي. ان تي الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: اِذَا اَتَاکُمْ کَرِیْمُ قَوْمٍ فَاَکْرِمُوْہُ يعني جڏهن توهان وٽ قوم جو عزّت دار شخص اچي ته ان جي عزّت ڪريو![2]


 

 



[1]...اُسْدُ الْغابۃ،  جلد:1، صفحہ:529۔

[2]...مکارم الاخلاق، صفحہ:60تا61، حدیث:71۔



$footer_html