Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye
(4): بدگماني جي هلاڪت مان هڪ هي به آهي ته بدگماني ڪرڻ سان بغض ۽ حسد جهڙيون خطرناڪ باطني بيماريون پيدا ٿينديون آهن (5): بدگماني ڪرڻ سان ٻن ڀائرن ۾ دشمني پيدا ٿي ويندي آهي، سس ۽ نُنهن هڪٻئي جي خلاف ٿي وينديون آهن، مڙس ۽ زال ۾ هڪٻئي تي اعتماد ختم ٿي ويندو آهي، بدگماني جي ڪري ڳالھ ڳالھ تي پاڻ ۾ جهيڙو رهندو آهي ۽ آخرڪار ڪڏهن ڪڏهن طلاق جي نوبت به اچي ويندي آهي. بدگمانيءَ جي ڪري ڀاءُ ڀيڻ جي وچ ۾ تعلقات ٽٽي ويندا آهن ۽ ايئن هڪ خوش حال گهر اجڙي ويندو آهي (6): ٻين جي لاءِ بُرا خيالات رکڻ وارن ماڻهن تي فالج (يعني اڌ رنگي) ۽ دل جي بيمارين جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي جيئن ته حال ئي ۾ هڪ تحقيقي رپوٽ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي ٻين جي لاءِ مخالفاڻي سوچ رکن ٿا ان ڪري ذهني دٻاءُ جو شڪار ۽ ڪاوڙ ۾ رهندا آهن انهن ۾ دل جي بيمارين ۽ فالج جو خطرو 86%وڌي ويندو آهي.[1]
الله پاڪ اسان کي بدگماني جي آفت کان محفوظ فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ.
(5): ڪنهن جا عيبَ نه ڳولهيو...!
اجتماعي زندگيءَ جي آدابن مان پنجون ادب هيءُ آهي ته
وَّ لَا تَجَسَّسُوْا (سيپارو:26،سورة حُجرات:12)
ترجمو ڪنز العرفان: (لڪيل ڳالهين جي) جاسوسي نه ڪيو.
ماڻهن جون پوشيده ڳالهيون ۽ عيبَ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ کي تَجَسُّس چئبو آهي.[2] ³مثال طور ڪنهن کان پڇڻ: رات دير تائين جاڳندو رهندو آهين، فجر به