Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye
تمام گهڻو گمان ڪرڻ کان منع فرمايو ڇوجو ڪجھ گمان اهڙا هوندا آهن جيڪي صرف گناھ آهن، لهٰذا احتياط جو تقاضو هي آهي ته گمان جي ڪثرت کان بچو وڃي.[1]
عالم سڳورا فرمائن ٿا: گمان (يعني اسان جي دل ۾ اچڻ وارا خيال شرعي حڪم جي اعتبار سان) 3 قسمن جا آهن: (1): واجب: جيئن الله پاڪ سان سٺو گمان رکڻ (2): مستحب: جيئن نيڪ مسلمان سان سٺو گمان رکڻ (3): ممنوع ۽ حرام: جيئن الله پاڪ سان بُرو گمان رکڻ، ايئن ئي ڪنهن مسلمان جي لاءِ بدگماني ڪرڻ حرام آهي. [2]
حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: پنهنجو پاڻ کي بدگماني کان بچايو ڇو ته بدگماني بدترين ڪوڙ آهي.[3]
بدگمانيءَ جا ديني ۽ دنياوي نقصانات
تفسير صراط الجنان ۾ آهي: (1): جنهن جي باري ۾ بدگماني ڪئي، جيڪڏهن ان جي سامهون ان جو اظهار به ڪيو وڃي ته ان جي دل آزاري ٿي سگهي ٿي ۽ شرعي اجازت جي بغير مسلمان جي دل آزاري حرام آهي (2): جيڪڏهن مسلمان جي سامهون ان جي متعلق بدگماني جو اظهار نه ڪيو، بلڪ ان جي پرپٺ ڪيو ته هي غيبت ٿي ويندي ۽ غيبت ڪرڻ به حرام آهي (3): بدگماني ڪرڻ وارو صرف پنهنجي گمان تي صبر ناهي ڪندو بلڪ هو سامهون واري جا عيبَ ڳولهڻ ۾ لڳي ويندو آهي ۽ ڪنهن مسلمان جا عيبَ ڳولهڻ به گناھ آهي