$header_html

Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye

آزاري ٿيندي آهي ۽ اهو هن سان چڙندو به آهي، ان جي باوجود پڪارڻ وارو ڄاڻي واڻي هرهر مزو وٺڻ جي لاءِ ان کي ابتي نالي سان پڪاريندو آهي. منهنجا آقا، اعلٰي حضرت، شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: ڪنهن مسلمان بلڪ ذمّي ڪافر کي به شرعي حاجت جي بغير اهڙن لقبن سان پڪارڻ جنهن سان ان جي دل ٽُٽي، ان کي ايذاء پهچي، شرعاً ناجائز ۽ حرام آهي، توڙي جو ڳالھ فِيۡ نَفْسِہٖ سچي هجي. [1]

مثال طور ڪنهن جو رنگ واقعي ڪارو آهي، ان جي باوجود ان کي ڪارو چئي ڪري پڪارڻ سان ان جي دل آزاري ٿيندي هجي ته ان کي ايئن پڪارڻ ناجائز ۽ حرام ئي رهندو.

ابتي نالي سان پڪارڻ جي مذمت

حضرت عُمير بن سعد رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بيان ڪن ٿا، حُسنِ اخلاق جي پيڪر، نبين جي تاجوَر صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جنهن ڪنهن کي ان جي نالي کان علاوه نالي (يعني بُري لقب سان) سڏيو، ان تي فرشتا لعنت ڪندا.[2]

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                                                     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

(4): بدگماني نه ڪريو...!

 اجتماعي زندگي جي آدابن مان چوٿون ادب الله پاڪ هي بيان فرمايو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اجْتَنِبُوْا كَثِیْرًا مِّنَ الظَّنِّ٘-اِنَّ بَعْضَ الظَّنِّ اِثْمٌ  (سيپارو:26، سورة حُجرات:12)

ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! گهڻي گمان ڪرڻ کان بچو بيشڪ ڪو گمان گناھ ٿي ويندو آهي.

 تفسير صراط الجنان ۾ آهي: آيت جي هن حصي ۾ الله پاڪ مسلمانن کي


 

 



[1]...فتاویٰ رضویہ، جلد:23، صفحہ:204۔

[2]...جامع صغیر، صفحہ:525، حدیث:8666۔



$footer_html