Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye
ڪمن (مثال طور خراب ۽ بُرن معاملن) جو کليل لفظن ۾ بيان ڪرڻ.[1]
هن حديث پاڪ جي شرح ۾ مفتي صاحب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هي عيبَ (يعني طعنا ڏيڻ، لعنت ڪرڻ ۽ فحش ڳالهائڻ، هي) سچي مسلمان ۾ ناهن هوندا، پنهنجا عيب نه ڏسڻ، ٻين مسلمانن جا عيبَ ڳولهڻ، هر هڪ کي لعنت ۽ طعنا ڏيڻ اسلامي شان جي خلاف آهي. ڪجھ ماڻهو جانورن کي، هوا کي گاريون ڏيندا آهن، ڪجھ ماڻهو گاريون پهريان ڏيندا آهن، ڳالهائيندا بعد ۾ آهن، هي سڀ هن حديثِ پاڪ مان عبرت حاصل ڪن. [2]
(3): هڪٻئي جا بُرا نالا نه رکو...!
اجتماعي زندگيءَ جي آدابن مان ٽيون ادب قرآنِ ڪريم هي بيان ڪيو:
وَ لَا تَنَابَزُوْا بِالْاَلْقَابِؕ- ( سيپارو: 26، سورة حُجرات:11)
ترجمو ڪنزالعرفان: هڪٻئي جا برا نالا نه رکو
صَدۡرُالاَفاضِل سيّد محمد نعيم الدّين مراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن آيت جي حوالي سان لکن ٿا: (يعني اهو نالو) جيڪو انهن کي ناپسند لڳي (انهن نالن سان نه پڪاريو!) جيئن ڪنهن کي لمبو! ڊگهو! ڪارو! وغيره چئي ڪري پڪارڻ.[3]
افسوس! اڄڪلھ هي مصيبت به معاشري ۾ عام ٿيندي پئي وڃي، انسان جو اصل نالو تمام سٺو هوندو آهي، پوءِ به ماڻهو خبر ناهي ڇو ٻين کي بُرن نالن سان پڪاريندا آهن. جنهن جو جيڪو نالو هجي، ان کي انهيءَ نالي سان پڪارڻ گهرجي، پنهنجي طرفان ڪنهن جو ابتو نالو مثال طور ڊگهو، بِندرو وغيره نه رکيو وڃي، عام طور هن طرح جي نالن سان سامهون واري جي دل