Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye
سمجهي ڪري ان کي ذات جو طعنو ڏنو ويندو آهي (حالانڪه ڪا ذات ذليل يا گهٽ ناهي عزّت جو معيار تقوٰي آهي) ³ڪو مزدوري ڪندو آهي ته ان کي مزدوري جو طعنو ³ جنهن وٽ صرف ڌيئرون ئي ڌيئرون هجن، پٽ نه هجي، (حالانڪه ڌي الله پاڪ جي رحمت آهي، ان جي باوجود) ان کي طعنا ڏنا ويندا آهن. رشتن جي ڏي وٺ هجي يا الله نه ڪري طلاق وغيره جو معاملو ٿي وڃي، ان وقت ته شيطان خوب کُلي ڪري کيڏندو ۽ خوب طعني ۽ مهڻي جي آفت ۾ مبتلا ڪندو آهي.
طعني ۽ مهڻي جي مذمت ۾ 2 حديثون
ڪاش! اسان الله پاڪ جي تعليمات کي سچيءَ دل سان عَملي طور اپنايون...!!! (1): حضرت ابو درداء رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: گهڻي لعنت ڪرڻ وارا، گهڻا طعنا ڏيڻ وارا قيامت جي ڏينهن نه گواھ هوندا نه شفيع.[1]
حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي امّت قيامت جي ڏينهن اڳي جي نبين (عَلَیْہِمُ السّلام) جي گواھ به هوندي (يعني هيءَ گواهي ڏيندي) ته انهن پنهنجين امّتين کي تبليغ فرمائي ڇڏي ۽ گناھگارن جي شفاعت ڪرڻ واري به هوندي پر جيڪو مسلمان لعنت ڪرڻ ۽ طعنا ڏيڻ جو عادي هوندو، اهو هنن ٻنهي نعمتن کان محروم رهندو. لهٰذا دنيا ۾ لعن طعن جا عادي نه بڻجو.[2]
(2): حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مؤمن نه طعنو ڏيڻ وارو هوندو آهي، نه لعنت ڪرڻ وارو، نه فحۡش (يعني بيهوده) ڳالهائڻ وارو هوندو آهي.[3]
فحش ڳالھ جي معنٰي هي آهي: التَّعْبِيرُ عَنِ الْأُمُورِ الْمُسْتَقْبَحَةِ بِالْعِبَارَاتِ الصَّرِيحَةِ يعني شرمناڪ