Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye
اميدن جا ڏيئا يڪدم اجهامي ويندا، خوشيون ملهائيندڙ دل ذرا ذرا ٿي ويندي جو هي بدنصيب دنيا ۾ ٻين جو مذاق بڻائيندو هو، قيامت جي ڏينهن ان کي بُري ڪم جو بدلو ڏنو ويندو.
بھائیوں کا دل دُکھانا چھوڑ دو اور تمسخر بھی اُڑانا چھوڑ دو
اي عاشقانِ رسول! دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ پاسي ۾ رهڻ وارو مسلمان هجي، اسان تي لازم آهي ته اسان هرگز هرگز ان جو مذاق نه بڻايون حضرت علّامه عبد المصطفٰي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: اِهانت ۽ تحقير جي لاءِ زبان يا اشارن يا ڪنهن ٻئي طريقي سان مسلمان جو مذاق بڻائڻ حرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي.[1]
اجتماعي زندگي جي آدابن جو ٻيو مدني گل بيان ڪندي الله پاڪ فرمايو:
وَ لَا تَلْمِزُوْۤا اَنْفُسَكُمْ (سيپارو:26، سورة حُجرات:11)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ پاڻ ۾ ڪنهن کي طعنو نه ڏيو.
تفسير صراط الجنان ۾ آهي: يعني زبان يا اشاري جي ذريعي هڪٻئي تي عيب نه لڳايو، ڇو جو مؤمن هڪ جان وانگر آهن، جڏهن ڪنهن مؤمن تي عيب لڳايو وڃي ته ڄڻ پاڻ تي ئي عيب لڳايو ويندو.[2]
هاءِ! هاڻي اسان وٽ ٻين کي طعني ڏيڻ جي وباء به تمام گهڻي آهي ³ ڪو سنّتن تي عمل ڪري ³ پنهنجو اٿڻ ويهڻ ³ هلڻ ڦرڻ ³ کائڻ پيئڻ ³ پائڻ وغيره سنّت جي مطابق ڪري ته ان تي طعنن جا تير وسايا ويندا آهن ³ غريب کي غربت جو طعنو ڏنو ويندو آهي ³ ڪڏهن ڪنهن جي ذات کي گهٽ