Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye
³ ايستائين جو ڪجھ نادان قدرت جي ٺهيل شين جو مذاق بڻائيندي بلڪل به ناهن شرمائيندا ³ ڪنهن جي اک ٽيڏي آهي ته ان کي ڪاڻو چئي ڪري مذاق بڻائيندا آهن ³ ڪنهن جو نڪ ڊگهو آهي ته ان جي نڪ جو مذاق ³ ڪنهن جا چپ ٿلها آهن ته ان جي چپن جو مذاق ³ ڪنهن ويچاري جي ٽَنگَ ۾ مسئلو آهي ته ان کي منڊو چئي ڪري مذاق بڻائيندا ۽ سامهون واري جي عزّتِ نفس کي ذَرا ذَرا ڪري ڇڏيندا آهن.
هاءِ! اسان جون بي احتياطيون، هاءِ! هي غفلت...! الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: لَاتُمَارِ أَخَاکَ وَلَا تُمَازِحْہُ پنهنجي ڀاءُ سان جهيڙو نه ڪريو،نه ان جو مذاق بڻايو. [1]
هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: ماڻهن جو مذاق بڻائڻ واري جي لاءِ جنت جو دروازو کوليو ويندو پوءِ ان کي پڪاريو ويندو: اچ! ويجهو اچ...! جڏهن هو ويجهو ايندو ته دروازو بند ڪيو ويندو، اهڙي طرح ڪيئي ڀيرا ڪيو ويندو. [2]
هاءِ! اهي نادان جيڪي ٻين جي عزّت جو خيال ناهن رکندا، مذاق ڪندا ۽ ٻين کي ذليل ڪري کلندا ۽ خوشيون ملهائيندا آهن، هن روايت کي بار بار پڙهن، هن تي غور ڪن، ٿورو سوچيو ته سهي...! اهو قيامت جو ڏهاڙو 50 هزار سالن جو ڏينهن، ٽامي جي تَتَل زمين، باھ وسائندڙ سج، هر پاسي نَفۡسي نَفۡسي جو عالم، انهيءَ صورت حال ۾ جڏهن ڪنهن کي جنّت جي طرف پڪاريو ويندو، ان جي دل ۾ ڪيڏي خوشي داخل ٿيندي، اهو پنهنجي قسمت تي رشڪ ڪندي، وڏي امّيد سان جنّت ڏانهن ڊوڙندو پر هاءِ...! جيئن ئي جنّت جي ويجهو پهچندو، دروازو بند ڪيو ويندو، ٿورو تصوّر ته ڪريو! ان وقت ڪيڏي ندامت ٿيندي،