$header_html

Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye

اچو! قرآنِ ڪريم جا عطا ڪيل هي 6 مدني گلَ ٻڌون ۽ اڄ کان ئي انهن کي پنهنجي ڪردار جو حصو بڻائڻ جي ڪوشش ڪيون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!

(1): ڪنهن جو مذاق نه بڻايو...!!

الله پاڪ سيپاري: 26، سورة حُجرات جي آيت نمبر 11 ۾ ارشاد فرمايو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا یَسْخَرْ قَوْمٌ مِّنْ قَوْمٍ عَسٰۤى اَنْ یَّكُوْنُوْا خَیْرًا مِّنْهُمْ وَ لَا نِسَآءٌ مِّنْ نِّسَآءٍ عَسٰۤى اَنْ یَّكُنَّ خَیْرًا مِّنْهُنَّۚ- (سيپارو: 26، سورة حُجرات: 11 )                                   

ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! مرد ٻين مردن تي نه کلن ٿي سگهي ٿو ته اهي انهن کلڻ وارن کان بهتر هجن ۽ نه عورتون ٻين عورتن تي کلن، ٿي سگهي ٿو ته اهي انهن کلڻ وارن کان بهتر هجن.

مسلمان جي عزّت ۽ تعظيم مان آهي ته ڪهڙي طرح به ان جو مذاق نه اڏايو وڃي. آيتِ ڪريمه جي هن حصي ۾ انهيءَ ڳالھ جي تعليم ڏني وئي آهي ته ڪو مرد ٻئي مرد جو ۽ ڪا عورت ٻيءَ عورت جو مذاق نه بڻائي. هر هڪ جو پنهنجو ذوق هوندو آهي، زندگيءَ گذارڻ جو انداز پنهنجو هوندو آهي، اسان ڪنهن جي انداز تي تنقيد نٿا ڪري سگهون، اسان ڪنهن جي لباس تي، ان جي لائف سٽائل تي تنقيد نٿا ڪري سگهون، ايستائين جو جيڪڏهن ڪو گناھگار آهي ته ان کي به سٺي انداز سان نيڪيءَ جي دعوت ڏني وڃي پر ان جو مذاق بڻائڻ هرگز درست ناهي. اُڄڪلھ اسان وٽ هيءَ وبا تمام گهڻو عام ٿي وئي آهي. ³ ڪنهن ڏاڙهي شريف جي سنّت سجائي ته ان تي تنقيد ³ ڪو عمامو شريف جو تاج سجائي وٺي ته ان تي تنقيد ³ ڪو اڌ پِني تائين سنّت جي مطابق قميص پائيندو آهي ته ان تي تنقيد ³ لاچار غريبن جي لباس تي طعنا مهڻا ڏيندا آهن ³ ٻين جو نقل ڪرڻ انهن جي انداز جو مذاق بڻايو ويندو آهي


 

 



$footer_html