Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye
حضور نبيءِ پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُمۡ کان پڇيو: ڇا توهان ڄاڻيو ٿا ته الله پاڪ جي ويجهو وياج کان وڏو گناھ ڪهڙو آهي؟ صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جن عرض ڪيو: اللہُ وَ رَسُوْلُہٗ اَعْلَمُ الله ۽ ان جا رسول صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بهتر ڄاڻين ٿا. ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: بيشڪ الله پاڪ جي ويجهو وياج کان وڏو گناھ مسلمان جي عزّت کي حلال سمجهڻ آهي.[1]
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! جڏهن الله پاڪ، ۽ ان جي پياري محبوب جن مسلمانن کي اهڙي عزّتن سان نوازيو آهي ته اسان تي لازم آهي ته اسان ٻين جي عزّت ڪريون، اچو! هن ضمن ۾ قرآنِ ڪريم جي ڪجھ تعليمات ٻڌون ۽ انهن کي پنهنجي ڪردار جو حصّو بڻائڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا،
سورة حُجرات ۾ اجتماعي زندگي جا آداب
سورة حُجرات 26هين سيپاري جي هڪ مختصر سُورت آهي، صرف 2 رڪوع ۽ 18 آيتن جي ھن مختصر سورت ۾ تمام گهڻي تعليمات ڏني وئي آهي خاص طور مسلمانن کي اجتماعي (يعني ملي جلي ڪري رهڻ واري) زندگي جا آداب سيکاريا ويا آهن يعني اسان کي پنهنجن مسلمانن ڀائرن سان ڪهڙو رويو رکڻو آهي، اسان جا والدين هجن يا ڀيڻ ڀاء، پاڙي وارا هجن يا علاقي وارا يا پري جو ڪو عزيز هجي يا ڪو اڻ واقف مطلب ته هر اهو شخص جيڪو مسلمان آهي، چاهي اهو دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڇو نه رهندو هجي، جڏهن به اسان جي ان سان ملاقات ٿئي، اسان کي انهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪرڻو آهي، ان بابت سورة حُجرات ۾ 6 مدني گلن جو خوبصورت گلدستو بيان ڪيو ويو آهي.