Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye
نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تڪليف جو سبب پڻ آهي.[1] جو الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ اٰذٰی مُسْلِمًا فَقَدْ اٰذٰنِی جنهن ڪنهن مسلمان کي تڪليف پهچائي، ان مون کي تڪليف پهچائي.[2]
ہمیشہ ہاتھ بھلائی کے واسطے اٹھیں بچانا ظلم و ستم سے مجھے سدا یارَبّ!
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
مسلمان جي بي عزّتي جا ڪجھ مثال
پيارا اسلامي ڀائرو! افسوس صد افسوس...! هاڻي اسان جي معاشري ۾ ٻين جي عزّت پامال ڪرڻ کي معمولي سمجهيو ويندو آهي ³ ڪڏهن مذاق جي بنياد تي ٻين کي ذليل ڪيو ويندو آهي ³ ڪو ٻين کي سخت جملا چوندو ۽ عزّتِ نفس پائمال ڪندو آهي ³ڪنهن جي غريبي کي طعني ۽ بيعزّتي جو نشانو بڻايو ويندو آهي ³ ڪنهن ذات کي گهٽ سمجهي ڪري ان کي معاشري ۾ ذليل ڪيو ويندو آهي ³ جنهن وٽ نياڻيون ئي نياڻيون هجن، پٽَ نه هجن، ان کي طعنا ڏنا ويندا آهن ³ سيٺ ملازم کي ذليل ڪندي ناهي شرمائيندو، سڀني جي سامهون ان جي عزّت پامال ڪري ڇڏيندو آهي ³ صدقو خيرات ڪرڻو هجي ته ڪجھ امير شهرت جي چڪر ۾ غريبن جون تصويرون ڪڍندا آهن، پنهنجي نالي جي سخاوت جي واھ واھ ڪندا ۽ ويچارن غريبن جي عزّتِ نفس سان کيڏيندا آهن ³ شادي وغيره ۾ ڪڏهن ڪڏهن غريب رشتيدارن کي ذليل ڪيو ويندو آهي بلڪ هاڻي ته وَنۡ ڪلڪ (One Click) فارمولو به اچي ويو، ماڻهو کِل ڀوڳ (يعنيPrank) جي نالي تي ٻين جو مذاق ٺاهي ڪري سوشل ميڊيا تي ڏيندا ۽ لکن ڪروڙن جي سامهون ويچاري جي عزّت پامال ڪري ڇڏيندا آهن.