Book Name:Surah Fatiha Fazail Aur Mazameen
اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَۙ(۱) (پاره:1،سورت فاتحه:1)
ترجمو ڪنزُ العرفان: سڀ تعريفون الله جي لاءِ آهن. جيڪو سڄي جهان جو پالڻهار آهي
ان جي جواب ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو: منهنجي ٻانهي منهنجي حمد بيان ڪئي۔ ٻانهو پڙهي ٿو:
الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِۙ(۲) (پاره:1،سورت فاتحه:2)
ترجمو ڪنزُ العرفان: نهايت مهربان رحمت وارو
الله پاڪ فرمائي ٿو: منهنجي ٻانهي منهنجي ثناء بيان ڪئي۔ ٻانهو پڙهي ٿو:
مٰلِكِ یَوْمِ الدِّیْنِؕ(۳) (پاره:1،سورت فاتحه:3)
ترجمو ڪنزُ العرفان: جزا جي ڏينهن جو مالڪ
الله پاڪ فرمائي ٿو: منهنجي ٻانهي منهنجي بزرگي بيان ڪئي۔ ٻانهو پڙهي ٿو:
اِیَّاكَ نَعْبُدُ وَ اِیَّاكَ نَسْتَعِیْنُؕ(۴) (پاره:1،سورت فاتحه:4)
ترجموڪنزُ العرفان: اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا.
الله پاڪ فرمائي ٿو: هي منهنجي ۽ منهنجي ٻانهي جي وچ ۾ برابر آهي (جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي عبادت ڪري ٿو، الله پاڪ ان جي مدد ۽ نُصْرت فرمائي ٿو)۔ پوءِ ٻانهو پڙهي ٿو:
اِهْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَقِیْمَۙ(۵) صِرَاطَ الَّذِیْنَ اَنْعَمْتَ عَلَیْهِمْ ﴰ غَیْرِ الْمَغْضُوْبِ عَلَیْهِمْ وَ لَا الضَّآلِّیْنَ۠(۷)
(پاره:1،سورت فاتحه:5تا7)
ترجموڪنزُ العرفان: اسان کي سڌي رستي تي هلاءِ. انهن ماڻهن جو رستو جن تي تو احسان ڪيو. نه انهن جو رستو جن تي غضب ٿيو نه گمراهن جو.