Shan e Ameer Hamza

Book Name:Shan e Ameer Hamza

ان نصيحت تي عمل ڪيو ۽ اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي مزارِ پُرانوار تي حاضر ٿيا، اتي قرآنِ مجيد جي تلاوت ڪيائون، پوءِ اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي خدمت ۾ پنهنجي پريشاني عرض ڪيائون. اُتي حاضر ٿي ڪري جڏهن پاڻ واپس پنهنجي رهائش تي پهتا ته امڙ سائڻ چيو: پُٽَ! هڪ شخص توهان جو پڇي رهيو هو. هي ٻڌي ڪري شيخ احمد دِمياطي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مسجدِ نبوي شريف ۾ حاضر ٿيا، ڏٺائون: هڪ رعبدار ۽ اڇي ڏاڙهيءَ واري شخصيت آهي، انهن ڏسندي ئي فرمايو: شيخ احمد ! مرحبا...!! شيخ احمد رَحْمَةُ  اللهِ  عَلَيْه فرمائن ٿا: مون جلد ئي اڳتي وڌي ڪري ان جا هٿ چُميا. انهن فرمايو: احمد! توهان مصر هليا وڃو! عرض ڪيائون: عالي جاھ! ڪيئن وڃان؟ مون وٽ ته ڪرايو به ناهي ۽ اٺَ به مري ويا آهن. اهي بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه شيخ احمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي گڏ وٺي ڪري مصري حاجين جي هڪ خيمي ۾ ويا ۽ هڪ شخص کي اُٺن جو ڪرايو ڏئي ڪري فرمايائون: توهان شيخ احمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ۽ سندن امڙ سائڻ کي مصر پهچايو. ان مصري حاجيءَ به ان بزرگ جي تمام گهڻي عزّت ڪئي، هاڻي شيخ احمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جلد ئي پنهنجو سامان تيار ڪيو، امڙ سائڻ کي ساڻ ورتائون ۽ مصري حاجين جي خيمي ۾ پهچي ويا، ان وقت تائين اهي نيڪ بزرگ اتي ئي تشريف فرما هئا، هاڻي نماز جو وقت هو، شيخ احمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان بزرگ سان گڏ مسجدِ نبوي شريف ۾ حاضر ٿيا، بزرگ فرمايو: احمد! توهان وڃي ڪري نماز ادا ڪيو! شيخ احمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه مسجد ۾ پهتا، نمازادا ڪئي، انتظار ۾ هئا ته نيڪ بزرگ به اچڻ وارا ئي هوندا پر اهي تشريف کڻي نه آيا، شيخ احمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون انهن کي تمام گهڻو تلاش ڪيو پر  ڪٿي به نه مليا. آخرڪار شيخ صفيُ الدّين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾حاِضر ٿيس ۽ سڄو واقعو عرض ڪيُم. شيخ صفيُ الدّين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن ان بزرگ جي حُليي شريف جي باري ۾ ٻڌي ڪري فرمايائون: اهي نيڪ بزرگ ڪي ٻيا نه بلڪ رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا چاچا سائين حضرتِ اميرِ حمزه رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ئي هئا جيڪي توهان جي پريشاني ختم ڪرڻ جي لاءِ تشريف کڻي آيا هئا.[1]


 

 



[1] جامع کرامات اولیا،جلد:1، صفحہ:108 خلاصۃً۔