Shan e Ameer Hamza

Book Name:Shan e Ameer Hamza

سان مسجد ڏي هليس، مغرب جي نماز پڙهي، نماز کان پوءِ هڪ اسلامي ڀاء فيضان سنّت مان درس ڏنو، درس کان فوراً بعد اسلامي ڀائرن هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ وڃڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون. هڪ اسلامي ڀاء مونکي به اجتماع ۾ شرڪت جي ترغيب ڏياري، انهن جو انداز اهڙو ته پيارو هو جو مان فوراً هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت جي لاءِ تيار ٿي ويس، پوءِ جلد ئي اسلامي ڀائرن سان ملي ڪري عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه جي فضائن ۾ پهچي ويس، اتي سنّتن ڀريو بيان ٻڌو، ذِڪرُ الله ۾ مصروف رهيس، پوءِ رقَّت انگيز دعا ٿي. الحمد لله! دعوت اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۽ عاشقان رسول جي صحبت جو مون تي اهڙو اثر ٿيو جو مون دعا جي دوران روئي روئي ڪري پنهنجن گناهن کان توبھ ڪئي ۽ آئينده زندگي نيڪين ۾ گذارڻ جي پڪي نيّت ڪئي، منھنجي ھڪ مزي واري ڪيفيت ھوئي اجتماع  کان واپسي کان بعد مون نمازن جي پابندي شروع  ڪري ڇڏي ۽ نيڪين ڀري زندگي گذارڻ ۾ مصروف ٿي ويس.

اسی ماحول نے ادنیٰ کواعلیٰ کر دیا دیکھو!                 اندھیرا ہی اندھیرا تھا اُجالا کر دیا دیکھو!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                                                     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ زندگيءَ جا آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو:

مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ

جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو[1].

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!              جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا


 

 



[1] مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔