Shan e Ameer Hamza

Book Name:Shan e Ameer Hamza

الله پاڪ فرمائي ٿو: اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! جيڪو اوهان تي درود پڙھندو، مان ان تي رحمتون نازِل ڪندس، جيڪو اوهان تي سلام موڪليندو، مان ان تي سلامتي موڪليندس۔ ان نعمت جو شڪر ادا ڪرڻ جي لاءِ مون ايترو ڊگھو سجدو ڪيو۔([1])  

 الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! غور ڪيو! * دُرود ڪنهن کي پڙهڻو آهي؟ امّتيءَ کي * رحمت ڪنهن تي نازل ٿيندي؟ امّتيءَ تي* سلام ڪنهن کي موڪلڻو آهي؟ امّتيءَ کي * الله ڪريم جي سلامتي ڪنهن تي نازل ٿيندي؟ امّتيءَ تي * شڪر جو سجدو ڪير ادا ڪري رهيو آهي؟ امّت جي غم ۾ رهڻ  وارا، شفاعت فرمائڻ وارا، امّت کي بخشائڻ وارا، جنّت ۾ پهچائڻ وارا آقا
صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ...! سُبۡحان الله! اندازو ڪيو! اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي امّت سان ڪيترو پيار آهي. الله! الله! امّت گناھ ڪري، آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ راتيون روئي، روئي ڪري گذارين، امّت کي نعمت ملي آقا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ شڪر جا سجدا ڪن. اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ  عَلَيْه  جا ڀاءُ، مولانا حسن رضا خان رَحْمَةُ  اللهِ  عَلَيْه  لکن ٿا:

تم کو تو غلاموں سے ہے کچھ ایسی  محبت                ہے ترکِ  ادب ! ورنہ کہیں ہم  پہ فدا ہو  [2]

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

وضاحت: يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! توهان کي پنهنجن غلامن سان ايڏي محبّت آهي، اهو ادب ناهي نه ته اسان چئون توهان پنهنجن غلامن تي فِدا آهيو.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                 صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...مسندِ اَحْمَد، جلد:1، صفحہ:191، حدیث:1664۔

[2]...ذوق نعت، ص211 ۔