Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

Book Name:Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

ڪو پِير نه آهي، شيطان ان جو پِير آهي۔

هن روايت جا پُورا پُورا مِصدَاق اهي ماڻهو آهن جيڪي مشائِخِ ڪرام کي نٿا مڃن۔([1])

نيڪ پرهيزگار به پِير جي هٿ تي بيعت ڪن

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪجھ ماڻهن کي وَسوَسو ايندو آهي ته مون کي پِير بنائڻ جي ضرورت نه آهي، مان نمازون به پڙھان ٿو، روزا به رکان ٿو، نفلي عبادتون به ڪيان ٿو، باطني گُنَاهن کان به بچان ٿو وغيره وغيره، اهڙي طرح جون ڳالهيون سوچي ماڻهو پِير بنائڻ کان مَحرُوم رهندا آهن ۔

اهڙن جي بارگاھ ۾ عرض آهي ته پهريان ته پنهنجو پاڻ کي چڱو سمجھڻ واري سوچ ئي چڱي نه آهي، هن ۾ خود پسندي جي بُوءِ آهي، ٻي نمبر تي اهو ياد رکو! ته ڪو ڪيترو ئي پهتل هجي، اهو به پِيرِ ڪامِل جي ڳولها ڪري، پِير بنائي، سچي نسبت حاصِل ڪري ڇو ته سچّي نسبت جي بغير معرفت جا درجات طئي ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو، بلڪه ناممڪن آهي۔ ڏسو! الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ متقي (پرهيزگار) ماڻهن کي وسيلو اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ارشاد ٿئي ٿو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا اتَّقُوا اللّٰهَ وَ ابْتَغُوْۤا اِلَیْهِ الْوَسِیْلَةَ   (پاره:6، سورۂ مائده:35)       

ترجَمو ڪنزُ العرفان: اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو ۽ ان جي طرف وسيلو ڳوليو.

حڪيم الاُمَّت، مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: هن آيت ۾ تقوي کان بعد وسيلي جي ڳولها جو حڪم ڏئي ٻڌايو ويو ته ڪو متقي پرهيزگار تقويٰ جي چاهي ڪنهن درجي تي پهچي وسيلي کان بي


 

 



[1]... فتاوی رضویہ، جلد:26، صفحہ: 575 خلاصۃً۔