Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

Book Name:Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

اڄڪلھ فتنن جو دَور آهي، اسان کي به گھرجي ته باشرع، جامِع شرائط پِيرِ ڪامِل جي هٿ ۾ هٿ ڏيون، ان جي برڪت سان اِن شَآءَ اللهُ الڪرِيم! گمراهي کان به بچي وينداسين ۽ ايمان جي حفاظت جو به سامان ٿي ويندو۔

حشر تک جاری رہے گا فیض مُرشد آپ کا           فیض کا دریا بہایا اے امام احمد رضا

اے امام ِ اہل سنّت نائِب شاہِ اُمم                     کیجئے ہم پر بھی سایہ اے امام احمد رضا([1])

بيعت تمام پياري سُنّت آهي

 اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بيعت بيشڪ سُنّتِ محبوبه (يعني تمام پياري سُنّت) آهي۔([2])

اسان جا آقا ۽ موليٰ، محمد مصطفيٰ، ٻنهي جهانن جي داتا، امامُ الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيئي ڀيرا بيعت ورتي ۽ صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضوَان پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ هٿ ۾ هٿ رکي بيعت ڪئي۔ انهن مان هڪ بيعت جو ذِڪر ڪندي الله رَبُّ العالمين قرآنِ مجيد ۾ فرمائي ٿو:

لَقَدْ رَضِیَ اللّٰهُ عَنِ الْمُؤْمِنِیْنَ اِذْ یُبَایِعُوْنَكَ تَحْتَ الشَّجَرَةِ   (پاره:26، سورۂ فتح:18)          

ترجَمو ڪنزُ العرفان: بيشڪ الله ايمان وارن سان راضي ٿيو جڏهن اهي وڻ جي هيٺان تنهنجي بيعت ڪري رهيا هئا.

جنهن جو ڪو پِير نه آهي، ان جو پِير شيطان آهي

فتاويٰ رضويه، جلد:26، صفحي: 575 تي آهي (جنهن جو خُلاصو ڪجھ هيئن آهي): هڪ حديث روايت ڪئي ويندي آهي: مَن لَا شَيخَ لَهٗ فَشَيْخُهُ الشَّيْطٰن جنهن جو


 

 



[1]... وسائل بخشش، صفحہ:525 ملتقطاً۔

[2]... فتاوی رضویہ، جلد:26، صفحہ:586۔