Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

Book Name:Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

هي تمام وڏي گمراهي آهي۔ هاڻي به ڪجھ ماڻهو طريقت کي شريعت کان جُدا سمجھن ٿا، جڏهن ته شريعت ۽ طريقت 2 جُدا شيون نه آهن،طريقت شريعت ئي جو حِصو آهي۔ پِيرانِ طريقت جيڪي واقعي سچا ۽ ڪامِل پِير هوندا آهن اهي ته پاڻ به ڪثرت سان عبادت ڪندا آهن ۽ پنهنجي مُرِيدن کي به خُوب عبادت ۽ رياضت ايستائين جو نفل نمازن ۽ روزن جي به تلقين فرمائيندا آهن جڏهن ته ڪجھ نادان جيڪي شريعت ۽ طريقت ۾ فرق ڪن ٿا، اهي فرض نمازون به پُوريون نٿا پڙهن، شرعِي احڪام کي ضروري نٿا سمجھن، بلڪه ڪجھ ته مَعَاذَ الله! شريعت جو مذاق به اُڏائيندا آهن، ان ڪري اهڙن کي پِير بنائڻ هرگز هرگز دُرُست نه آهي۔

اهو ئي سبب آهي جو اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مُرِيد تي ڪرامت ڀري نگاھ فرمائي، سندن جو مُرِيد اجمير شريف ۾ هو، ان اتي غلطي ڪئي، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي بريلي ۾ رهندي ڪرامت طور ان جي خبر به پئي ۽ پاڻ يڪدم خواب ۾ اچي ناراضِي جو اِظهار فرمائي پنهنجي مُرِيد جي اِصلاح جو ذريعو به بڻجي ويا۔

میں گرفتارِ بلائے دوجہاں                                    ہر بلا سے کر رِہا احمد رضا!

تُم ہی مُرْشِد، تم دوائے رنج و غم                          مجھ پہ بھی چشمِ عطا احمد رضا!

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد

پِير بنائڻ جو هڪ وڏو فائدو

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي اهو به معلوم ٿيو ته پِير بنائڻ تمام وڏي فائدي جي ڳالھ آهي، هن جو هڪ تمام وڏو فائدو ته هي آهي ته جنهن جو پِير ڪامِل هجي، اهو پنهنجي مُرِيد کي ڪڏهن ڀٽڪڻ ناهي ڏيندو۔ ڏسو! ان نوجوان ڪامل پِير، اعليٰ حضرت امامِ اهل سُنّت شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هٿ ۾ هٿ ڏنو هو، ان ڪري هو گمراهي کان ۽ گمراھ ڪندڙن کان بچي ويو.