Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

Book Name:Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

تجديدِ بيعت جي لاءِ عرض ڪجو۔ مختصر هي ته ظهر جي وقت جڏهن اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آيا ته نماز کان بعد ان نوجوان همت ڪري تجديدِ بيعت جي لاءِ عرض ڪيو۔ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: جڏهن اوهان اتي بيعت ٿي چڪا آهيو، ته پوءِ مون کي ڇو چئي رهيا آهيو؟ نوجوان عرض ڪيو: حُضُور! مون کان غلطي ٿي آهي، ماڻهن جي ورغلائڻ ۾ اچي ويو هئس، پنهنجي قصور جي معافي گھران ٿو۔ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: خوب غور ڪري وٺ! سوچي وٺ! سمجھي وٺ! مون کي مريد ڪرڻ جو شوق نه آهي پر صرف اهو جو ماڻهو صِراطِ مستقيم تي قائِم رهن (يعني مان صِرف ان ڪري ماڻهن کي مريد ڪندو آهيان جو ماڻهو سڌي راھ تي رهن، ان کان  عِلاوه مريد ڪرڻ ۾ مون کي ڪو لالچ نه آهي، وڌيڪ فرمايائون:) هي ٺيڪ نه آهي جو اڄ هن دروازي تي بيٺا هجو، سڀاڻي ان دروازي تي۔ يَڪ دَر گِير مُحڪَم گِير (يعني هڪ دروازو پڪڙيو! مضبوط پڪڙيو...!)۔ ان تي نوجوان هٿ ٻڌي عرض ڪيو: سائين ايئن ئي ٿيندو، خُدا جي لاءِ هاڻي منهنجو قُصُور مُعَاف فرمايو۔ ان تي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان نوجوان کي ٻيهر بيعت فرمايو ۽ اهو نوجوان خوش خوش پنهنجي گھر هلي ويو۔([1])

میں گرفتارِ بلائے دوجہاں                                    ہر بلا سے کر رِہا احمد رضا!

تُم ہی مُرْشِد، تم دوائے رنج و غم                          مجھ پہ بھی چشمِ عطا احمد رضا!

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! اسان جي آقا اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کوڙ سارين مَصرُوفيتن جي باوُجُود پنهنجي مُرِيدن تي ڪيتري نگاھ رکندا هئا۔ اهو شخص جنهن جي هٿ تي ان نوجوان بيعت ڪئي هئي، شايد ڪو چڱو ماڻهو نه هو، تڏهن ته ان جي آس پاس جي ماڻهن هي چيو: اتي توهان شريعت ۾ بيعت آهيو، هتي طريقت ۾ بيعت ٿي وڃو۔


 

 



[1]... حیاتِ اعلیٰ حضرت، جلد:3، صفحہ:195 بتغیّر۔