Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

Book Name:Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

ڪري ڇڏيو۔ ايترو ئي فرمايائون جو منهنجي اک کلي پئي۔ بَس انهيء ڏينهن کان منهنجي طبيعت ڪنهن ڪم ۾ نٿي لڳي، اسڪول پڙھندو هئس، اهو به ڇڏي ڏنو، هر وقت دِل اهو ئي چاهي ٿي ته بس دانهون ڪري روئيندو رهان۔

سَيد اَيوب علي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: نوجوان جون ڳالهيون ٻڌي اسان ان کي آٿت ڏيندي چيو: اوهان گھٻرايو نه، ظهر نماز مهل اعليٰ حضرت (رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه) ايندا، نماز کان بعد عرض ڪجو ته مان تجديدِ بيعت جي لاءِ حاضِر ٿيو آهيان۔ اسان جي ڳالھ ٻُڌي ان نوجوان کي ڪجھ سڪون مليو۔ اڃا اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته اعليٰ حضرت (رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه) خِلافِ معمول پنهنجي ڪمري مان ٻاهر نڪتا ۽ اُن نوجوان کي فرمايائون: اوهان جو ڪيئن اچڻ ٿيو؟ اعليٰ حضرت (رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه) جا هي لفظ ٻُڌي اسان کي تعجب ٿيو، ڇو ته سندن مبارڪ عادت اها هئي ته جڏهن به ڪو ايندو هو ته ان کان پڇندا هئا: اوهان ڪيئن تڪليف فرمائي؟ (يعني اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عادت کان هٽي ڪري ان نوجوان کان ايئن پڇڻ ته اوهان جو ڪيئن اچڻ ٿيو؟ هي الفاظ ئي ٻڌائي رهيا هئا ته پاڻ ان نوجوان کان سخت ناراض آهن)۔

خير! اُن نوجوان تي غم جو غلبو هو، ان اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هن سُوال تي روئڻ شروع ڪيو ۽ ڪو جواب نه ڏئي سگھيو۔ ڪجھ دير بعد اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: روئڻ جو ڪهڙو فائدو؟ مطلب ٻڌايو! هي فرمان ٻُڌي ان نوجوان سڄو واقعو بيان ڪيو۔ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جوسڄو واقعو ٻڌي فرمايائون: مون وٽ ڇو آيا آهيو؟ هو نوجوان ٻيهر روئڻ لڳو، غم جي غلبي جي ڪري ان کي ايتري همت ئي نه ٿي جو تجديدِ بيعت جي لاءِ عرض ڪري سگھي۔ خير! اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: اوهان هت ترسو، مون کي ڪم ڪرڻو آهي۔ هي چئي پاڻ واپس موٽي ويا۔

سيد اَيوب علي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اسان ٻيهر ان نوجوان کي تسلي ڏيندي چيو: اوهان ڊپ نه ڪريو، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ظهر نماز جي لاءِ ايندا، ان وقت