Book Name:Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil
حشر تک جاری رہے گا فیض مُرشد آپ کا فیض کا دریا بہایا اے امام احمد رضا
قبر پر ہو بارشِ انوارِ حق تیری سدا ہو نبی کا تجھ پہ سایہ اے امام احمد رضا([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه الحمد لله! همَه جِهت (گھڻ رُخي) شخصيت آهن يعني سندن مبارڪ سيرت کي جهڙي پهلو سان ڏسجي، بَس ڪمال ئي ڪمال نظر اچي ٿو، جهڙي طرح اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا مُفَسِّر آهن، زبردست مُحَدِّث آهن، بي مثال عالِم آهن، باڪمال مفتي آهن، عابِد آهن، زاهد آهن، اهڙي طرح اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڪامِل ولي ۽ پِيرِ ڪامِل پڻ آهن۔ اڄ به اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا لکين ڪروڙين مريد دُنيا ۾ موجود آهن ۽ جيترا عطاري آهن اهي ته الحمد لله! رَضوي ئي آهن ڇو ته امير اهلسنت دَامَت بَرَکَاتُهمُ العَالِيه اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي واسطي سان ئي سلسله قادريه ۾ بيعت ڪن ٿا۔ ۽ جيڪي عاشقانِ رسول اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سلسلي ۾ بيعت نه آهن، اهي به عاشقِ اَعليٰ حضرت ته يقيناً آهن، ڇاڪاڻ ته اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه عشقِ رسول جي، سُنِّيت جي سُڃاڻپ آهن۔
جيئن ته اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اسان جا پِير آهن، هر عاشِقِ رسول جي دِل جي ڌڙڪن آهن۔ لهٰذا اڄ اسان اعليٰ حضرت هڪ پِيرِ ڪامِل جي عنوان سان سيرتِ رَضا جا ڪجھ پهلو ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪنداسين۔ الله پاڪ اسان سڀني کي مَسلَڪِ اعليٰ حضرت تي ثابت قدمي نصيب فرمائي، عشقِ رضا تي، اَوليائن جي محبت تي ۽ بالخصوص عشقِ مصطفيٰ تي استقامت عطا فرمائي۔
آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم
مجھے تم مَسلکِ احمد رضا پر استِقامت دو بنوں خدمت گزارِ اہلِ سنّت یارسولَ اللہ
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد