Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

Book Name:Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

سمهي ۽ ان جو عقل ختم ٿي وڃي ته هو پنهنجو پاڻ کي ملامت ڪري۔([1])

اي عاشقانِ رسول ! سمهڻ کان اڳ ۾ بستري کي چڱي طرح ڇنڊيو ته جيئن ڪا ايذاءُ ڏيندڙ شيء وغيره هجي ته نڪري وڃي * سمهڻ کان اڳ هيءَ دعا پڙهي وٺو؛ اَللّٰھُمَّ بِاسْمِکَ اَمُوْتُ وَ اَحْیَا ترجمو؛ اي الله پاڪ! مان تنهنجي نالي سان ئي مران ٿو  ۽ جيان ٿو (يعني سمهان ٿو ۽ جاڳان ٿو) * ڏينهن جي ابتدائي حصي ۾ سمهڻ يا مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ سمهڻ مڪروهه آهي۔ * ٻنپهرن جو قيلولو (ڪجھ دير ليٽڻ) مستحب آهي * سمهڻ لاءِ مستحب اهو آهي ته پاڪائي سان سمهي ۽
* ڪجھ دير ساڄي پاسي هٿ ڳل جي هيٺان رکي قبلي ڏانهن منهن ڪري سمهي ۽ ان کان پوءِ کاٻي پاسي سمهي۔ * سمهڻ وقت قبر ۾ سمهڻ کي ياد ڪري ته اُتي اڪيلو سمهڻو پوندو عملن کان سواءِ ڪير به گڏ نه هوندو * سمهڻ وقت ياد خدا ۾ مشغول هجي، تهليل، تسبيح ۽ تحميد پڙهي۔ (يعني لَآ اِلٰـہَ اِلَّا اللهُ، سُبْحٰنَ الله ، ۽ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ جو وِرد ڪندو رهي) ايستائين جو سمهي پوي انسان جنهن حالت تي سمهندو آهي اُن تي ئي اٿندو آهي ۽ جنهن حالت تي مرندو آهي اُن تي ئي قيامت جي ڏينهن اٿندو۔ * جاڳڻ کان پوءِ هي دعا پڙهو؛ اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيۤ اَحْيَانَا بَعْدَ مَآ اَمَاتَنَا وَاِلَيْهِ النُّشُوْرُ۔ ترجمو؛ سڀ تعريفون الله عَزَّ وَجَلَّ جي لاءِ آهن جنهن اسان کي مارڻ کان پوءِ زندهه ڪيو ۽ انهيءَ ڏانهن موٽي وڃڻو آهي۔ * جڏهن ڇوڪري يا ڇوڪرِيءَ جي ڄمار ڏهه سال ٿئي ته انهن کي الڳ الڳ سمهارڻ گھرجي بلڪ ان ڄمار جو ڇوڪرو ايڏي وڏي (يعني پاڻ جيڏن) ڇوڪرن يا (پاڻ کان وڏن) مردن سان گڏ نه سمهي۔ * ڇوڪرو جڏهن شهوت جي حد کي پهچي ته اُهو مرد جي حڪم ۾ آهي۔ * ننڊ مان سجاڳ ٿي ڏندڻ ڪريو * رات جو ننڊ مان سجاڳ ٿي تهجُّد ادا ڪريو ته وڏي سعادت آهي([2]) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: ”فرضن


 

 



[1]...مسند ابی یعلیٰ، جلد:4، صفحہ:121، حدیث:4915۔

[2]... 550 سنتیں اور آداب، صفحہ:38ـ40۔