Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

Book Name:Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

اسلامي ڀينرن جي لاءِ 63 نيڪ اعمال آهن، جامعة المدينه جي شاگرد اسلامي ڀائرن جي لاءِ 92 آهن، ايئن سڀئي پنهنجي مطابق نيڪ اعمال جو رسالو حاصِل ڪن، روزانو وقت مقرر ڪري، ان جا خانا ڀرين، اِن شَآءَ اللهُ الڪرِيم! هن جي برڪت سان زِندگي ۾ نکار ايندو، ڪردار صاف سٿرو ٿي چمڪدار ٿي ويندو۔ نيڪين ۾ اضافو به ٿيندو، استقامت به ملندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته دِل ۾ عشقِ رسول جا چشما جاري ٿيندا۔ اِن شَآءَ اللهُ الڪرِيم!

اچو! اوهان جي ترغيب جي لاءِ نيڪ اعمال جي هڪ مدني بهار ٻُڌايان ٿو۔

مدني بهار

ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: علائقي جي مسجد ۾ امام صاحب جيڪي دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته آهن، انهن انفرادي ڪوشش ڪندي (يعني سمجھائيندي) منهنجي وڏي ڀاءُ کي نيڪ اعمال رسالو تحفي ۾ ڏنو، اهو گھر کڻي آيو ۽ پڙھيائين ته حيران رهجي ويو ته هن مختصر رسالي ۾ هڪ مسلمان کي اسلامي زندگي گذارڻ جو ايترو زبردست فارمولو ڏنو ويو آهي، بس نيڪ اعمال رسالو ان جي زندگي ۾ انقلاب کڻي آيو ان جي برڪت سان الحمد لله! ان کي نماز جو جذبو مليو ۽ باجماعت نماز جي ادائيگي جي لاءِ مسجد ۾ حاضِر ٿي ويو ۽ هاڻي 5 وقت جو نمازي بڻجي چڪو آهي، ڏاڙھي مبارڪ به سجائي آهي ۽ نيڪ اعمال جو رسالو به ڀرين ٿا۔([1])

تُو ولی اپنا بنالے اُس کو ربِّ لَم یَزَل      مَدنی اِنعامات پرکرتا ہے جو کوئی عمل

نوٽ: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ مدني انعامات کي هاڻي نيڪ اَعْمَال چيو ويندو آهي۔


 

 



[1]... جنت کے طلب گاروں کے لئے مدنی گلدستہ، صفحہ:14۔