Book Name:Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil
رهنداسين، انهن سمورين نصيحتن تي عَمَل ڪندا رهنداسين، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سچّي عقيدن، مذهبِ حق اهلسنت تي قائِم رهڻ جي نصيحت فرمائي، نيت ڪريو! هميشه مسلڪ اعليٰ حضرت تي قائِم رهنداسين، بدمذهبن جي صحبت کان هميشه بچندا رهنداسين، صرف ۽ صرف عاشقانِ رسول ئي جي صحبت اپنائينداسين، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنجئي نمازون پابندي سان مسجد ۾ باجماعت ادا ڪرڻ جي نصيحت فرمائي، لهٰذا نيت ڪريو! اِن شَآءَ اللهُ الڪرِيم! اسان جي ڪا نماز قضا نه ٿيندي بلڪه جماعت به نه ڇڏينداسين، خدانخواسته جيڪڏهن ڪنهن جون نمازون قضا ٿيون آهن ته هو جلد از جلد پُوري قضا نمازون ادا ڪري، جن جا روزا قضا آهن، هو روزا رکڻ جي نيت ڪن، جن تي زڪوٰة فرض ٿئي ٿي، اهو زڪوٰة ادا ڪرڻ جي نيت ڪري، جن تي حج فرض ٿئي ٿو، اهو حج ادا ڪرڻ جي نيت ڪري ۽ ڪوڙ، غيبت، چغلي، رياڪاري، تڪبر وغيره باطني بيمارين کان سڀني کي ئي بچڻو آهي، انهن کان بچڻ جي به نيت ڪريو!
ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اَعمال
الحمد لله! عاشقِ اعليٰ حضرت، امير اهلسنت حضرت علّامه مولانا، ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَت بَرَکَاتُهمُ العَالِيه سڄي دُنيا جي عاشقانِ رسول کي نيڪ نمازي بڻائڻ جي لاءِ اِصلاح جو جيڪو مدني نسخو ڏنو آهي، يعني؛ نيڪ اعمال، ان ۾ اهي سمورا عمل شامل آهن جن جي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نصيحت فرمائي آهي، جيڪڏهن اسان امير اهلسنت دَامَت بَرَکَاتُهمُ العَالِيه جي عطا ڪيل نيڪ اعمال کي مضبوطي سان پڪڙيون ته اِن شَآءَ اللهُ الڪرِيم! اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي نصيحتن سان گڏوگڏ کوڙ ٻيون نيڪيون ڪرڻ، پنهنجي ڪردار ۾ مثبت تبديليون آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين۔
هي نيڪ اَعمَال مختلف قسم جا آهن، اسلامي ڀائرن جي لاءِ 72 آهن،