Book Name:Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil
زڪوٰة ٿيندي هئي، ان کان وڌيڪ رقم راھِ خُدا ۾ زڪوٰة جي نيت سان ڏئي چڪا آهيو، ايتري رقم) آئنده سال مان گھٽ ڪري وٺو۔ الله پاڪ ڪنهن جو نيڪ ڪم ضايع ناهي ڪندو۔
صاحبِ استطاعت تي حج فرض آهي، الله پاڪ ان جي فرضيت بيان ڪري فرمايو:
وَ مَنْ كَفَرَ فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِیٌّ عَنِ الْعٰلَمِیْنَ(۹۷) (پاره:4، سورۂ آلِ عمران:97)
ترجَمو ڪنزُ العرفان: ۽ جيڪو انڪار ڪري ته الله سڄي جهان کان بي پرواھ آهي.
نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حج ڇڏڻ واري بابت فرمايو: چاهي يهودي ٿي مري يا نصراني ٿي مري۔ ([1])
سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مُرِيدن کي وڌيڪ نصيحتون ڪندي فرمائن ٿا: ڪِذب (ڪوڙ)، فحش (يعني بيحيائي)، چغلي، غيبت، زنا، لواطت، ظلم، خيانت، ريا، تڪبر، ڏاڙھي ڪوڙائڻ، فاسقن وارو انداز اپنائڻ ۽ هر بُري خصلت کان بچو۔
جيڪو انهن (بيان ڪيل تمام) ڳالهين تي عمل پيرا رهندو، الله ۽ رسول جي وعدي سان ان جي لاءِ جنّت آهي۔([2])
اي عاشقانِ رسول! پيرِ ڪامِل اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي تمام مُرِيدن کي هي نصيحتون فرمايون، اچو! نيت ڪريون ٿا، اسان جيستائين زِندھ