Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

Book Name:Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * خوب توجھ سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! 10 شوَّالُ المڪرم تي اسان جي آقا، ڪامِل ولي، پِيرِ طريقت، رَهبرِ شريعت، اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي وِلادت جو ڏهاڙو آهي۔

يقيناً اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بابرڪت ذات اسلامي دُنيا جي لاءِ تمام وڏي نعمت آهي۔ جڏهن ڪافِر اسلام جي خِلاف سازشون ڪري رهيا هئا، بدمذهبي عُرُوج تي پهچي چڪي هئي، بِدعتون عام ٿي رهيون هيون، مَعَاذَ الله! قرآني آيتن جي مفهوم بدلائڻ جون ناپاڪ ڪوششون ڪيون پئي ويون، اسلامي تعليمات کي بدلائڻ جي جرئت ٿي رهي هئي، انهن فِتنن جي وقت ۾ الله پاڪ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صُورت ۾ اسلامي دُنيا کي هڪ عظيم نعمت سان نوازيو، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مُجَدِّد بڻجي تشريف فرما ٿيا ۽ الحمد لله! پاڻ ڪَرُ کڻندڙ فتنن جو سَر قلم ڪيائون، ڪافِرن جي سازشن کي ناڪام بڻايو، بدمذهبي جو زَور ٽوڙي ڇڏيائون، بدعقيدگي جو خاتمو ڪيو، اَصل اسلامي عقيدن جي دُرُست تشريح فرمائي، اسلامي عقيدن تي، اسلام جي اعليٰ تعليمات تي، قرآن جي عِزَّت ۽  حُرمت تي، رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي عزّت ۽ نامُوس تي پهرو ڏنائون، بدعتن کي مٽايائون، سنتن کي عام ڪيائون، معاشري جي اِصلاح فرمائي، ماڻهن کي عشقِ رسول جا جام ڀري ڀري پيئاريا ۽ الحمد لله! فتنن کي مٽائي دِين جو پرچم بلند فرمايائون۔

تُو   نے   باطل  کو  مٹایا   اے   امام    احمد   رضا                     دین  کا  ڈنکا  بجایا  اے امام احمد رضا

تھرتھرائے  کانپ  اُٹھے  باغیانِ  مصطفٰے              قہر بن کے اُن پہ چھایا اے امام احمد رضا