Book Name:Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil
سان مسجد ۾ باجماعت نماز پڙھڻ) به واجب آهي، بي نمازي مسلمان ڄڻ صرف شڪل جو انسان آهي جو ظاهر صُورت انسان جي آهي ڪم انسانن وارا نه آهن، بي نمازي اهو نه آهي جيڪو ڪڏهن نماز نه پڙهي، بلڪه جيڪو هڪ وقت جي به قصداً (ڄاڻي واڻي) ڇڏي ڏي، اهو به بي نمازي آهي۔
جيتريون نمازون قضا ٿيون آهن، سڀني جو هيئن حساب لڳايو جو ڪا نماز حساب ۾ باقي نه رهجي وڃي، وڌيڪ ٿين ته حرج نه آهي، ۽ اهي سڀ (قضا نمازون) طاقت مطابق آهسته آهسته نهايت جلد ادا ڪريو، ڪاهلي ۽ سستي نه ڪريو ڇو ته موت جو وقت ڪنهن کي خبر نه آهي۔
پِيرِ ڪامِل اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مُرِيدن کي نصيحت ڪندي وڌيڪ فرمائن ٿا: جيترا روزا ڪڏهن قضا ٿيا هجن، ٻيو رمضان اچڻ کان پهريان پُورا ڪيا وڃن، حديث شريف ۾ آهي: جيستائين پوئين رمضان جي روزن جي قضا نه ڪئي وڃي، بعد وارا روزا قبول نٿا ٿين۔([1])
جيڪو مال دار (دولت مند) آهي (۽ زڪوٰة فرض ٿيڻ جا ٻيا شرط به پورا آهن ته اهي) زڪوٰة به ڏين، جيترن سالن جي نه ڏني هجي، هڪدم حساب ڪري ادا ڪن، هر سال جي زڪوٰة سال مڪمل ٿيڻ کان پهريان ڏئي ڇڏيو، سال پورو ٿيڻ کان بعد دير ڪرڻ گُنَاھ آهي، لهٰذا سال شروع ٿيندي ئي آهسته آهسته ڏيندا رهو، سال پورو ٿيڻ تي حساب ڪريو، جيڪڏهن پُوري ادا ٿي وئي ته بهتر، نه ته جيتري باقي هجي، هڪدم ڏيو ۽ جيڪڏهن ڪجھ وڌيڪ ڏني آهي (يعني جيتري