Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

Book Name:Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

اعليٰ حضرت جون پنهنجي مُرِيدن جي لاءِ نصيحتون

پيارا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پِيرِ ڪامِل آهن، پاڻ پنهنجي مُرِيدن کي گمراهي ۽ بي عملي کان بچائيندا هئا ۽ پنهنجي مُرِيدن جي ظاهري ۽ باطني اِصلاح جي لاءِ ڀرپُور ڪوشش ڪندا هئا۔

سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وقت بوقت پنهنجي مُرِيدن جي اصلاح جي لاءِ جيڪي نصيحتون ارشاد فرمائيندا هئا، اچو! اُنهن مان ڪجھ نصيحتون ٻڌون ٿا ۽ نيت ڪريون ٿا ته پِيرِ ڪامِل اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هر نصيحت تي دِل ۽ جان سان عَمَل ڪنداسين۔ اِن شَآءَ اللهُ الڪرِيم!

(1):مذهبِ اهلِ سُنّت تي قائِم رهون

اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مُرِيدن کي فرمائن ٿا: مذهبِ اهلسنت و جماعت تي قائِم رهو، جيترا بدمذهب مثال طور نيچري، قادياني وغيره آهن، انهن سڀني کان جُدا رهو، انهن سڀني کي پنهنجو دُشمن سمجھو، انهن جي ڳالھ نه ٻڌو، انهن وٽ نه ويهو، انهن جي ڪا تحرير نه پڙهو، ڇو ته شيطان کي معاذَ الله دِل ۾ وسوسو وجھندي ڪا دير ناهي لڳندي۔

ماڻهو کي جتي مال يا عزّت ۽ آبرو جو انديشو هجي، اتي هرگز نه ويندو آهي، دين ۽ ايمان سڀ کان وڌيڪ عزيز آهي، ان جي حفاظت جي لاءِ حد کان وڌيڪ ڪوشش فرض آهي، مال ۽ دُنيا جي عزّت، دُنيا جي زندگي، دُنيا ئي تائين آهي، دين ۽ ايمان سان هميشگي جي گھر (يعني آخرت) ۾ ڪم پوندو آهي، لهٰذا دين ۽ ايمان بابت فِڪر سڀ کان وڌيڪ لازِم آهي۔

(2):  پنج ئي نماز ن جي پابندي ڪريو!

سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمائن ٿا: پنج وقت جي نمازن جي پابندي نهايت ضروري آهي، مَردن کي مسجد ۽ جماعت جو التزام (يعني پابندي