Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

Book Name:Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

انهن اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خوب مهمان نوازي ڪئي، جڏهن واپسي اچڻ لڳاسين ته مون اُن مَجذُوب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مبارڪ پير پڪڙي عرض ڪيو: منهنجي لاءِ دُعاءِ خير ڪجو! اُن مَجذُوب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه منهنجي پٺي تي هٿ رکيو ۽ سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي طرف اشارو ڪندي فرمايائون: هن جي پويان هلندو رهجان! سڀئي تنهنجي پويان هلندا۔([1])

الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! وقت جا وڏا وڏا مشائِخ، وڏا وڏا پِير، اولياءُ الله، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها اسان جي آقا، اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪيتري عزّت ڪندا هئا، انهن سڀني جو ڄڻ هڪ ئي مؤقف هو، اهو هي ته اڄوڪي دور ۾ ڪامل ولين جو سردار ته بريلي جو تاجدار، اعليٰ حضرت شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ئي آهي۔

هي سڀ اولياءِ ڪرام اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دامنِ ڪرم سان وابسته ٿيڻ، سندن جي مُرِيدن ۾ شامِل ٿيڻ ۽ سندن پويان هلڻ جي تلقين ڪندا هئا۔ الله پاڪ اسان کي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سچّي پڪي غلامي نصيب فرمائي۔ يقيناً اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پِيرِ ڪامِل آهن، الله پاڪ اسان کي مريدِ ڪامِل بڻجڻ جي توفيق نصيب ڪري۔      آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم

میں گرفتارِ بلائے دوجہاں                                    ہر بلا سے کر رِہا احمد رضا!

تُم ہی مُرْشِد، تم دوائے رنج و غم                          مجھ پہ بھی چشمِ عطا احمد رضا!


 

 



[1]... فیضان اعلیٰ حضرت ، صفحہ:340۔