Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

Book Name:Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه قُطبُ الاِرشاد

پيارا اسلامي ڀائرو! اعليٰ حضرت امام اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پِيرانِ پِير، پِير دستگير حُضُور غوثِ اعظم شيخ عبد القادِر جيلاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا نائِب آهن ۽ سندن هڪ لقب آهي: قُطبُ الاِرشاد۔ قُطَب: وِلايت جو هڪ درجو آهي، اهو ڪامل ولي جيڪو طريقت جي سمورن مقامات جو جامِع هجي ان کي قُطب چيو ويندو آهي، قطب پنهنجي زماني جي سمورن ولين ۾ انفرادي شان وارو هوندو آهي، ان کي غوث به چوندا آهن ۽ هي پنهنجي زماني جي ولين جو سردار هوندو آهي۔ اِرشَاد جي معني آهي: نيڪي جي دعوت ڏيڻ، بُرائي کان منع ڪرڻ، ماڻهن جي عقيدن جي اِصلاح ڪرڻ، عملن جي اِصلاح ڪرڻ، مُعَاشَري ۾ موجود بُرائين کي بهتر ڪرڻ، هي سڀ ڪجھ اِرشَاد ۾ شامل آهي۔ هاڻي قطب الارشاد جي معني ٿيندي: پنهنجي زماني جو سڀ کان وڏو مُصلِحِ اُمَّت (اُمَّت جي اِصلاح ڪرڻ وارو)، پنهنجي زماني جي ولين جو سردار۔([1])

معلوم ٿيو اسان جا آقا، اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه قُطبُ الاِرشَاد آهن يعني پاڻ نيڪي جي دعوت عام فرمائڻ وارا، مُعَاشري جي اِصلاح فرمائڻ وارا، بُرائين کي سُڌارڻ وارا، پنهنجي مُرِيدن کي بلند درجات تائين پهچائڻ وارا ۽ پنهنجي زماني جي تمام ولين جا سردار آهن۔

ان جي پويان هلندو رهجان! سڀئي تنهنجي پويان هلندا

هڪ دفعي سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مهائم شريف (هند) جي هڪ مجذوب سان ملاقات جي لاءِ ويا، حضرت عبد السلام جبل پُوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه به گڏ هئا۔ مفتي بُرهانُ الحق رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن اسان اتي پهتاسين ته مجذوب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مٿي تي عمامو شريف سجائي، تخت تي ويهي دلائِل الخيرات شريف پڙھي رهيو هو.


 

 



[1]... فتوحات، جلد:3، صفحہ:297۔