Book Name:Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil
پر مون همّت نه هاري ۽ جبل تي چڙھندو ويس۔ نيٺ جڏهن جبل جي چوٽي تي پهتس ته ڏٺم هڪ نيڪ بزرگ ڪنڌ جھڪائي ويٺا آهن، مان انهن جي ويجھو وڃي خاموش ٿي بيهي رهيس، ڪافِي دير بعد اُنهن نگاھ کڻي مون ڏانهن ڏٺو، مون سلام عرض ڪيو، انهن سلام جو جواب ڏنو ۽ اهو ئي فرمايو: بابا! مون وٽ ڇو آيو آهين؟ تنهنجو حِصو ته مولانا احمد رضا خان صاحب وٽ بريلي ۾ آهي۔
انجينئر صاحب هي ٻڌو ته يڪدم سلام ڪري واپس اچي ويو ۽ بريلي ۾ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ پهچي اعليٰ حضرت جو مريد ٿي ويو۔([1])
اللہ اللہ نو بہار عظمتِ احمد رضا غنچہ غنچہ ہے زبانِ مدحتِ احمد رضا
سائیہ قصرِ دنی میں منزلت پایا ہوا کتنا اونچا ہے مقامِ عزتِ احمد رضا
جيڪو اُن جو نه آهي، هو منهنجو نه آهي
شاھ صاحب محمد شير ميان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پيلي ڀيت جا تمام مشهور بزرگ هئا، پنهنجي وقت جا ڪامِل ولي ۽ پيرِ طريقت هئا، پاڻ به اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان گھڻي محبت ڪندا هئا۔ هڪ ڀيري شاھ مِير خان صاحب مُرِيد ٿيڻ جي لاءِ شاھ صاحب محمد شير ميان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمت ۾ حاضِر ٿي عرض ڪيو: مون کي پنهنجو مريد بڻايو! هن تي شاھ صاحب محمد شير ميان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪجھ منٽ جي لاءِ پنهنجون اکيون بند ڪيون، پوءِ فرمايائون: توهان جو حِصو مون وٽ نه آهي، بريلي وڃو! وڏي مولوي صاحب اعليٰ حضرت وٽ توهان جو حِصو آهي، ان جا مريد ٿي وڃو!
وڌيڪ فرمايائون: جيڪو اُن جو مريد، اهو منهنجو مريد، جيڪو منهنجو مُريد، هو اُن جو مريد، جيڪو اُن جو نه آهي، هو منهنجو نه آهي۔([2])