Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

Book Name:Ala Hazrat Aik Peer-e-Kamil

نياز نٿو ٿي سگھي، لهٰذا ڪو متقي مسلمان هي نه سمجھي ته مان ته متقي ٿي ويس هاڻي مون کي الله پاڪ تائين پهچڻ جي لاءِ ڪنهن وسيلي جي ضرورت نه آهي، جيئن هر مومن اَعمَال ۽ تقويٰ جو حاجت مند آهي، ايئن ئي هر متقي وسيلي جو محتاج آهي۔ ([1])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد

پِيرِ ڪامِل جا چار شرط

اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت، امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بيعت جي لاءِ لازِم آهي ته پِير 4 شرطن جو جامِع هجي؛ (1): صحيح العقيده سُنّي هجي (2): ايترو عِلم رکندو هجي جو پنهنجي ضرورت جا مسئلا ڪتابن مان ڪڍي سگھي (3): فاسِقِ مُعلِن (يعني اِعلانيه گُنَاھ ڪرڻ وارو) نه هجي (4): ان جو بيعت وارو سلسلو نبي ڪريم، رءوف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تائين مُتَّصِل (يعني مليل) هجي۔ جتي انهن شرطن مان ڪو هڪ شرط گھٽ آهي، بيعت جائِز نه آهي۔([2])

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد

اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي پِيرِ ڪامِل جي نگاھ ۾

 1294 هجري جو واقعو آهي، ان وقت اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عمر مبارڪ 22 سال هئي، هڪ ڏينهن سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪجھ سوچي روئڻ لڳا ۽ روئندي روئندي سمهي پيا، خواب ۾ ڏٺائون ته سندن ڏاڏو حضرت مولانا مفتي رضا علي خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آيو آهي ۽ هڪ صندوقچي (ننڍڙي پيتي) ڏئي فرمايائون: عنقريب اهو شخص اچڻ وارو آهي جيڪو توهان جي دِل جي درد جي دَوا ڪندو۔


 

 



[1]... تفسیر نعیمی، پارہ:6، سورۂ مائدہ، تحت الآیۃ:35، جلد:6، صفحہ:394 و 402 خلاصۃً ۔

[2]... فتاویٰ رضویہ، جلد:26، صفحہ:568۔