Share this link via
Personality Websites!
عبادت ۽ رياضت ايستائين جو نفل نمازن ۽ روزن جي به تلقين فرمائيندا آهن جڏهن ته ڪجھ نادان جيڪي شريعت ۽ طريقت ۾ فرق ڪن ٿا، اهي فرض نمازون به پُوريون نٿا پڙهن، شرعِي احڪام کي ضروري نٿا سمجھن، بلڪه ڪجھ ته مَعَاذَ الله! شريعت جو مذاق به اُڏائيندا آهن، ان ڪري اهڙن کي پِير بنائڻ هرگز هرگز دُرُست نه آهي۔
اهو ئي سبب آهي جو اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مُرِيد تي ڪرامت ڀري نگاھ فرمائي، سندن جو مُرِيد اجمير شريف ۾ هو، ان اتي غلطي ڪئي، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي بريلي ۾ رهندي ڪرامت طور ان جي خبر به پئي ۽ پاڻ يڪدم خواب ۾ اچي ناراضِي جو اِظهار فرمائي پنهنجي مُرِيد جي اِصلاح جو ذريعو به بڻجي ويا۔
میں گرفتارِ بلائے دوجہاں ہر بلا سے کر رِہا احمد رضا!
تُم ہی مُرْشِد، تم دوائے رنج و غم مجھ پہ بھی چشمِ عطا احمد رضا!
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هتي اهو به معلوم ٿيو ته پِير بنائڻ تمام وڏي فائدي جي ڳالھ آهي، هن جو هڪ تمام وڏو فائدو ته هي آهي ته جنهن جو پِير ڪامِل هجي، اهو پنهنجي مُرِيد کي ڪڏهن ڀٽڪڻ ناهي ڏيندو۔ ڏسو! ان نوجوان ڪامل پِير، اعليٰ حضرت امامِ اهل سُنّت شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هٿ ۾ هٿ ڏنو هو، ان ڪري هو گمراهي کان ۽ گمراھ ڪندڙن کان بچي ويو.
اڄڪلھ فتنن جو دَور آهي، اسان کي به گھرجي ته باشرع، جامِع شرائط پِيرِ ڪامِل جون مريد ٿي وڃون، ان جي برڪت سان اِن شَآءَ اللهُ الڪرِيم! گمراهي کان به بچي وينديون سين ۽ ايمان جي حفاظت جو به سامان ٿي ويندو۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami