Share this link via
Personality Websites!
آٿت ڏيندي چيو: اوهان گھٻرايو نه، ظهر نماز مهل اعليٰ حضرت (رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه) ايندا، نماز کان بعد عرض ڪجو ته مان تجديدِ بيعت جي لاءِ حاضِر ٿيو آهيان۔ اسان جي ڳالھ ٻُڌي ان نوجوان کي ڪجھ سڪون مليو۔ اڃا اهي ڳالهيون ٿي رهيون هيون ته اعليٰ حضرت (رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه) خِلافِ معمول پنهنجي ڪمري مان ٻاهر نڪتا ۽ اُن نوجوان کي فرمايائون: اوهان جو ڪيئن اچڻ ٿيو؟ اعليٰ حضرت (رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه) جا هي لفظ ٻُڌي اسان کي تعجب ٿيو، ڇو ته سندن مبارڪ عادت اها هئي ته جڏهن به ڪو ايندو هو ته ان کان پڇندا هئا: اوهان ڪيئن تڪليف فرمائي؟ (يعني اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عادت کان هٽي ڪري ان نوجوان کان ايئن پڇڻ ته اوهان جو ڪيئن اچڻ ٿيو؟ هي الفاظ ئي ٻڌائي رهيا هئا ته پاڻ ان نوجوان کان سخت ناراض آهن)۔
خير! اُن نوجوان تي غم جو غلبو هو، ان اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هن سُوال تي روئڻ شروع ڪيو ۽ ڪو جواب نه ڏئي سگھيو۔ ڪجھ دير بعد اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: روئڻ جو ڪهڙو فائدو؟ مطلب ٻڌايو! هي فرمان ٻُڌي ان نوجوان سڄو واقعو بيان ڪيو۔ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جوسڄو واقعو ٻڌي فرمايائون: مون وٽ ڇو آيا آهيو؟ هو نوجوان ٻيهر روئڻ لڳو، غم جي غلبي جي ڪري ان کي ايتري همت ئي نه ٿي جو تجديدِ بيعت جي لاءِ عرض ڪري سگھي۔ خير! اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: اوهان هت ترسو، مون کي ڪم ڪرڻو آهي۔ هي چئي پاڻ واپس موٽي ويا۔
سيد اَيوب علي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اسان ٻيهر ان نوجوان کي تسلي ڏيندي چيو: اوهان ڊپ نه ڪريو، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ظهر نماز جي لاءِ ايندا، ان وقت تجديدِ بيعت جي لاءِ عرض ڪجو۔ مختصر هي ته ظهر جي وقت جڏهن اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آيا ته نماز کان بعد ان نوجوان همت ڪري تجديدِ بيعت جي لاءِ عرض ڪيو۔ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: جڏهن اوهان اتي بيعت ٿي چڪا آهيو، ته پوءِ مون کي ڇو چئي رهيا آهيو؟ نوجوان عرض ڪيو: حُضُور! مون
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami