Share this link via
Personality Websites!
حضرت تي سڀ کان پهريان ڪم ڪرڻ جي سَعَادت به سَيد اَيوب علي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ئي نصيب ٿي۔
انهن (سيد اَيوب علي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه) جو بيان آهي: هڪ ڏينهن مان ۽ منهنجو ڀاءُ سَيد قناعت علي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي گھر مبارڪ حاضِر ٿي ڪنهن علمي ڪم ۾ مَصرُوف هئاسين، صبح جي 9 يا 10 وڳي جو وقت هو، هڪ نوجوان آيو ۽ سلام ڪري هڪ پاسي ماٺ ٿي ويهي رهيو۔ اسان پڇيو: ڪٿان کان آيا آهيو؟ چيائين: مِيرَٺ جو رهواسي آهيان۔ اسان پڇيو: ڪيئن تڪليف فرمائي (يعني ڪهڙي ڪم سان اچڻ ٿيو آهي)؟ ان سُوال تي اهو نوجوان بي اختيار رَوئڻ لڳو۔ اسان هر هر پڇيو پر ان ڪو جواب نه ڏنو۔ نيٺ وڏي اِصرار کان بعد چيائين: مان حُضُور اعليٰ حضرت (رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه) جو مُرِيد آهيان۔ هن سال مون کي خواجه غريب نواز رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عُرسِ پاڪ ۾ حاضِري جي سَعَادت ملي، اتي مون هڪ شخص کي ڏٺو جيڪو بظاهر ڪو بزرگ هستي نظر آيو پئي، مون ان جا پير چُمي ادب ڪيو۔
اتي موجود ڪجھ ماڻهن مون کي چيو: توهان هن جا مريد ٿي وڃو! مون چيو: مان ته پهريان ئي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مريد آهيان۔ ان تي ماڻهن چيو: اتي توهان شريعت ۾ بيعت آهيو، هتي طريقت ۾ بيعت ٿي وڃو۔ بَس ماڻهن جون هن طرح جون ڳالهيون ٻڌي مان اُن شخص جو مريد ٿي ويس۔ مُرِيد ٿيڻ کان بعد مان پنهنجي قيام گاھ تي آيس، ڪجھ دير آرام جي لاءِ ليٽي سمهي پيس۔ ڇا ٿو ڏسان جو خواب ۾ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آيا، نوراني چهري تي جلال ظاهر ٿيو، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: اسان کي اسان جو شجرو واپس ڪري ڇڏيو۔ ايترو ئي فرمايائون جو منهنجي اک کلي پئي۔ بَس انهيء ڏينهن کان منهنجي طبيعت ڪنهن ڪم ۾ نٿي لڳي، اسڪول پڙھندو هئس، اهو به ڇڏي ڏنو، هر وقت دِل اهو ئي چاهي ٿي ته بس دانهون ڪري روئيندو رهان۔
سَيد اَيوب علي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: نوجوان جون ڳالهيون ٻڌي اسان ان کي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami