Share this link via
Personality Websites!
قبر پر ہو بارشِ انوارِ حق تیری سدا ہو نبی کا تجھ پہ سایہ اے امام احمد رضا([1])
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان جا اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه الحمد لله! همَه جِهت (گھڻ رُخي) شخصيت آهن يعني سندن مبارڪ سيرت کي جهڙي پهلو سان ڏسجي، بَس ڪمال ئي ڪمال نظر اچي ٿو، جهڙي طرح اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا مُفَسِّر آهن، زبردست مُحَدِّث آهن، بي مثال عالِم آهن، باڪمال مفتي آهن، عابِد آهن، زاهد آهن، اهڙي طرح اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ ڪامِل ولي ۽ پِيرِ ڪامِل پڻ آهن۔ اڄ به اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا لکين ڪروڙين مريد دُنيا ۾ موجود آهن ۽ جيترا عطاري ۽ عطاريه آهن اهي ته الحمد لله! رَضوي ئي آهن ڇو ته امير اهلسنت دَامَت بَرَکَاتُهمُ العَالِيه اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي واسطي سان ئي سلسله قادريه ۾ بيعت ڪن ٿا۔
جيئن ته اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اسان جا پِير آهن، هر عاشِقِ رسول جي دِل جي ڌڙڪن آهن۔ لهٰذا اڄ اسان اعليٰ حضرت هڪ پِيرِ ڪامِل جي عنوان سان سيرتِ رَضا جا ڪجھ پهلو ٻڌڻ جي سَعَادت حاصِل ڪنديون سين۔ الله پاڪ اسان سڀني کي مَسلَڪِ اعليٰ حضرت تي ثابت قدمي نصيب فرمائي، عشقِ رضا تي، اَوليائن جي محبت تي ۽ بالخصوص عشقِ مصطفيٰ تي استقامت عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم
مجھے تم مَسلکِ احمد رضا پر استِقامت دو بنوں خدمت گزارِ اہلِ سنّت یارسولَ اللہ
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد
هڪ دروازو پڪڙيو! مضبوط پڪڙيو...!
سَيد اَيوب علي صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه: هي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا شاگِرد به آهن ۽ عام طور اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمت ۾ حاضِر به رهندا ها، سيرتِ اعليٰ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami