Share this link via
Personality Websites!
ڪن، جن تي زڪوٰة فرض ٿئي ٿي، اهو زڪوٰة ادا ڪرڻ جي نيت ڪري، جن تي حج فرض ٿئي ٿو، اهو حج ادا ڪرڻ جي نيت ڪري ۽ ڪوڙ، غيبت، چغلي، رياڪاري، تڪبر وغيره باطني بيمارين کان سڀني کي ئي بچڻو آهي، انهن کان بچڻ جي به نيت ڪريو!
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي: مَن اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَد اَحَبَّنِي وَمَن اَحَبَّنِي كَانَ مَعِيَ فِي الجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم: جيڪو شخص عصر کان بعد سمهي ۽ ان جو عقل ختم ٿي وڃي ته هو پنهنجو پاڻ کي ملامت ڪري۔([2])
اي عاشقانِ رسول ! سمهڻ کان اڳ ۾ بستري کي چڱي طرح ڇنڊيو ته جيئن ڪا ايذاءُ ڏيندڙ شيء وغيره هجي ته نڪري وڃي * سمهڻ کان اڳ هيءَ دعا پڙهي وٺو؛ اَللّٰھُمَّ بِاسْمِکَ اَمُوْتُ وَ اَحْیَا ترجمو؛ اي الله پاڪ! مان تنهنجي نالي سان ئي مران ٿو ۽ جيان ٿو (يعني سمهان ٿو ۽ جاڳان ٿو) * ڏينهن جي ابتدائي حصي ۾ سمهڻ يا مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ سمهڻ مڪروهه آهي۔ * ٻنپهرن جو قيلولو (ڪجھ دير
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami