Share this link via
Personality Websites!
نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حج ڇڏڻ واري بابت فرمايو: چاهي يهودي ٿي مري يا نصراني ٿي مري۔ ([1])
سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مُرِيدن کي وڌيڪ نصيحتون ڪندي فرمائن ٿا: ڪِذب (ڪوڙ)، فحش (يعني بيحيائي)، چغلي، غيبت، زنا، لواطت، ظلم، خيانت، ريا، تڪبر، فاسقن وارو انداز اپنائڻ ۽ هر بُري خصلت کان بچو۔
جيڪو انهن (بيان ڪيل تمام) ڳالهين تي عمل پيرا رهندو، الله ۽ رسول جي وعدي سان ان جي لاءِ جنّت آهي۔([2])
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! پيرِ ڪامِل اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي تمام مُرِيدن کي هي نصيحتون فرمايون، اچو! نيت ڪريون ٿيون، اسان جيستائين زِندھ رهنديوم سين، انهن سمورين نصيحتن تي عَمَل ڪنديون رهنديون سين، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه سچّي عقيدن، مذهبِ حق اهلسنت تي قائِم رهڻ جي نصيحت فرمائي، نيت ڪريو! هميشه مسلڪ اعليٰ حضرت تي قائِم رهنديون سين، بدمذهبن جي صحبت کان هميشه بچنديون رهنديون سين، صرف ۽ صرف ديني ماحول سان وابسته اسلامي ڀينرن جي صحبت اپنائينديون سين، اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنجئي نمازون پابندي سان ادا ڪرڻ جي نصيحت فرمائي، لهٰذا نيت ڪريو! اِن شَآءَ اللهُ الڪرِيم! اسان جي ڪا نماز قضا نه ٿيندي ، خدانخواسته جيڪڏهن ڪنهن جون نمازون قضا ٿيون آهن ته هو جلد از جلد پُوري قضا نمازون ادا ڪري، جن جا روزا قضا آهن، هو روزا رکڻ جي نيت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami