Share this link via
Personality Websites!
نمازون) طاقت مطابق آهسته آهسته نهايت جلد ادا ڪريو، ڪاهلي ۽ سستي نه ڪريو ڇو ته موت جو وقت ڪنهن کي خبر نه آهي۔
پِيرِ ڪامِل اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي مُرِيدن کي نصيحت ڪندي وڌيڪ فرمائن ٿا: جيترا روزا ڪڏهن قضا ٿيا هجن، ٻيو رمضان اچڻ کان پهريان پُورا ڪيا وڃن، حديث شريف ۾ آهي: جيستائين پوئين رمضان جي روزن جي قضا نه ڪئي وڃي، بعد وارا روزا قبول نٿا ٿين۔([1])
جيڪو مال دار (دولت مند) آهي (۽ زڪوٰة فرض ٿيڻ جا ٻيا شرط به پورا آهن ته اهي) زڪوٰة به ڏين، جيترن سالن جي نه ڏني هجي، هڪدم حساب ڪري ادا ڪن، هر سال جي زڪوٰة سال مڪمل ٿيڻ کان پهريان ڏئي ڇڏيو، سال پورو ٿيڻ کان بعد دير ڪرڻ گُنَاھ آهي، لهٰذا سال شروع ٿيندي ئي آهسته آهسته ڏيندا رهو، سال پورو ٿيڻ تي حساب ڪريو، جيڪڏهن پُوري ادا ٿي وئي ته بهتر، نه ته جيتري باقي هجي، هڪدم ڏيو ۽ جيڪڏهن ڪجھ وڌيڪ ڏني آهي (يعني جيتري زڪوٰة ٿيندي هئي، ان کان وڌيڪ رقم راھِ خُدا ۾ زڪوٰة جي نيت سان ڏئي چڪا آهيو، ايتري رقم) آئنده سال مان گھٽ ڪري وٺو۔ الله پاڪ ڪنهن جو نيڪ ڪم ضايع ناهي ڪندو۔
صاحبِ استطاعت تي حج فرض آهي، الله پاڪ ان جي فرضيت بيان ڪري فرمايو:
وَ مَنْ كَفَرَ فَاِنَّ اللّٰهَ غَنِیٌّ عَنِ الْعٰلَمِیْنَ(۹۷) (پاره:4، سورۂ آلِ عمران:97)
ترجَمو ڪنزُ العرفان: ۽ جيڪو انڪار ڪري ته الله سڄي جهان کان بي پرواھ آهي.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami