Share this link via
Personality Websites!
هلندو رهجان! سڀئي تنهنجي پويان هلندا۔([1])
الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! وقت جا وڏا وڏا مشائِخ، وڏا وڏا پِير، اولياءُ الله، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها اسان جي آقا، اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪيتري عزّت ڪندا هئا، انهن سڀني جو ڄڻ هڪ ئي مؤقف هو، اهو هي ته اڄوڪي دور ۾ ڪامل ولين جو سردار ته بريلي جو تاجدار، اعليٰ حضرت شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ئي آهي۔
هي سڀ اولياءِ ڪرام اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دامنِ ڪرم سان وابسته ٿيڻ، سندن جي مُرِيدن ۾ شامِل ٿيڻ ۽ سندن پويان هلڻ جي تلقين ڪندا هئا۔ الله پاڪ اسان کي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سچّي پڪي غلامي نصيب فرمائي۔ يقيناً اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پِيرِ ڪامِل آهن، الله پاڪ اسان کي مريدِ ڪامِل بڻجڻ جي توفيق نصيب ڪري۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم
میں گرفتارِ بلائے دوجہاں ہر بلا سے کر رِہا احمد رضا!
تُم ہی مُرْشِد، تم دوائے رنج و غم مجھ پہ بھی چشمِ عطا احمد رضا!
اعليٰ حضرت جون پنهنجي مُرِيدن جي لاءِ نصيحتون
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پِيرِ ڪامِل آهن، پاڻ پنهنجي مُرِيدن کي گمراهي ۽ بي عملي کان بچائيندا هئا ۽ پنهنجي مُرِيدن جي ظاهري ۽ باطني اِصلاح جي لاءِ ڀرپُور ڪوشش ڪندا هئا۔
سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وقت بوقت پنهنجي مُرِيدن جي اصلاح جي لاءِ جيڪي نصيحتون ارشاد فرمائيندا هئا، اچو! اُنهن مان ڪجھ نصيحتون ٻڌون
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami