Share this link via
Personality Websites!
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه غوثِ پاڪ جا نائِب آهن، اها ڳالھ ڪا ڳُجھي نه هئي، بلڪ اُن وقت جا مشائِخِ عُظَّام ۽ پِيرانِ طريقت سڀني کي خبر هئي ته اعليٰ حضرت نائِبِ غوثِ اعظم آهن، ان ڪري هو ماڻهن کي بريلي جو رستو ڏيکاريندا يعني اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو مريد ٿيڻ جي ترغيب ڏياريندا هئا۔
سيد اَيوب علي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: محله گڙھي ۾ هڪ شخص رهندو هو، ماڻهو ان کي انجينئر صاحب چوندا هئا۔ هڪ ڀيري هو شهر کان ٻاهر ڪٿي سَفر تي ويو، اتي ماڻهن ٻڌايو ته هتي جبل جي چوٽي تي هڪ نيڪ بزرگ رهي ٿو پر هو ڪنهن کي پاڻ وٽ اچڻ نٿو ڏئي، جيڪڏهن ڪو شخص جبل تي چڙھڻ جي ڪوشش ڪري ته مٿان کان پٿر ڪرڻ لڳن ٿا، ايئن جبل تي چڙھڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارو واپس موٽي ويندو آهي۔ انجينئر صاحب جڏهن هي ٻُڌو ته پَڪو ارادو ڪيائين ته چاهي ڪجھ به ٿئي، مان اُن بزرگ جي زيارت جي لاءِ ضرور ويندس۔ انجينئر صاحب جبل ڏانهن وڃڻ لڳا، جڏهن ان جبل تي چڙھڻ شروع ڪيو ته واقعي پٿر هيٺ ڪرڻ لڳا، انجينئر صاحب به ارادي جو پَڪو هو، ان پٿرن جي ڪا پرواھ نه ڪئي ۽ نظر جھڪائي جبل تي چڙھندو ويو، انجينئر صاحب ئي جو بيان آهي: مان جيئن جيئن قدم وڌائيندو ويس، پٿرن جو آواز وڌي رهيو هو، ايئن به ٿيو جو ڪجھ پٿر بلڪل منهنجي ويجھو کان نڪتا پر مون همّت نه هاري ۽ جبل تي چڙھندو ويس۔ نيٺ جڏهن جبل جي چوٽي تي پهتس ته ڏٺم هڪ نيڪ بزرگ ڪنڌ جھڪائي ويٺا آهن، مان انهن جي ويجھو وڃي خاموش ٿي بيهي رهيس، ڪافِي دير بعد اُنهن نگاھ کڻي مون ڏانهن ڏٺو، مون سلام عرض ڪيو، انهن سلام جو جواب ڏنو ۽ اهو ئي فرمايو: بابا! مون وٽ ڇو آيو آهين؟ تنهنجو حِصو ته مولانا احمد رضا خان صاحب وٽ بريلي ۾ آهي۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami