Share this link via
Personality Websites!
رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه۔ ٿورو غور فرمايو! اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عمر مبارڪ ان وقت ڇا هئي؟ 22 سال۔ ان عمر ۾ به اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪيڏا پاڪ صاف، عِبَادت گذار، نيڪ دِل، نيڪ سيرت، شريعت جا زبردست پيروڪار هئا، جو سندن پِيرِ ڪامِل فرمايو: احمد رضا پاڪ صاف دِل کڻي آيو آهي، انهن کي صِرف نسبت جي ضرورت هئي۔
سُبحٰنَ الله! الله پاڪ اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صدقي اسان کي دِل جي پاڪيزگي عطا فرمائي۔ ڪاش! اسان به پنهنجي پِير صاحب جون مَنظُورِ نَظر بڻجڻ لائق ٿي وڃون۔
آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم
اعليٰ حضرت نائِبِ غوثِ اعظم آهن
علي پُور سيدان (پنجاب، پاڪستان) جا مشهور بزرگ آهن: حضرت مولانا پِير جماعت علي شاھ صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه۔ پاڻ سَيد زاده آهن ۽ غوثِ پاڪ جي اَولاد مان آهن۔ پِير جماعت علي شاھ صاحب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مون کي خواب ۾ شهنشاھ بغداد سرڪار غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زيارت جو شَرف حاصِل ٿيو، حُضُور غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: هند ۾ منهنجا نائب مولانا احمد رضا خان آهن۔([1])
اهڙي طرح شَيرِ رَبَّاني حضرت ميان شير محمد شرقپوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي به هڪ ڀيري خواب ۾ شهنشاھ بغداد، سرڪار غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي زيارت نصيب ٿي، ميان صاحب فرمائن ٿا: مون غوثِ پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان پڇيو: حُضُور! هن وقت دُنيا ۾ اوهان جو نائب ڪير آهي؟ سرڪارِ غوثِ اعظم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: بريلي ۾ مولانا احمد رضا خان۔([2])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami