Share this link via
Personality Websites!
سَيد ابو الحسين احمد نُوري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه به موجود هئا، انھن ڏاڏي سائين جي خِدمت ۾ عرض ڪيو: حُضُور! اوهان وٽ خِلافت ۽ اجازت ايتري عام نه آهي، اوهان ته سالن تائين رياضت ڪرائيندا آهيو، آهسته آهسته منزلون طئي ڪرائي پوءِ وڃي ڪنهن کي ان لائق ڏسندا آهيو ته پوءِ به صِرف 1 يا 2 سلسلن جي اجازت ۽ خِلافت عنايت فرمائيندا آهيو آخر! هن 22 سالن جي نوجوان (يعني اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه) تي پهرين ملاقات ئي ۾ ايتريون عنايتون ڇو فرمايائون؟
پنهنجي پوٽي جو هي سُوال ٻُڌي شاھ آلِ رسول رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا ۽ فرمايائون: اي انسانو! توهان احمد رضا بابت ڇا ڄاڻو...! پوءِ فرمايائون: مان فِڪر مند هئس ته جيڪڏهن الله پاڪ قيامت جي ڏينهن فرمايو: اي آلِ رسول! تو دُنيا مان اسان جي لاءِ ڇا آندو آهي؟ ته مان ڪهڙو جواب ڏيندس۔ الحمد لله! اڄ اها ڳڻتي پري ٿي وئي۔ هاڻي جيڪڏهن الله پاڪ مون کان پڇيو ته آل رسول! دُنيا مان ڇا آندو اٿئي ته مان مولانا احمد رضا کي پيش ڪندس۔
روزِ محشر اگر مجھ سے پوچھے خُدا بول آلِ رسول تُو لایا ہے کیا
عرض کر دوں گا لایا ہوں احمد رضا یاخُدا یہ امانت سلامت رہے
مسلکِ اعلیٰ حضرت سلامت رہے
شاھ آلِ رسول رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمايائون: (انسانو! ٻُڌو...!) باقِي ماڻهو زَنگ آلود دِليون کڻي ايندا آهن، انهن کي تيار ڪرڻو پوندو آهي، احمد رضا صاف شفَّاف (يعني پاڪ صاف) دِل کڻي بلڪل تيار ٿئي آيا آهن، انهن کي ته صِرف نسبت جي ضرورت هئي۔([1])
سُبحٰنَ الله! پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هي آهن پِيرِ ڪامِل جا مَنظُورِ نظر، مُرِيدِ ڪامِل اسان جا آقا، اعليٰ حضرت امام اهلسنت، شاھ امام احمد رضا خان
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami