Share this link via
Personality Websites!
پهچندي ئي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: ڪامِل شيخ جي خوشبو اچي رهي آهي۔([1])
سُبحٰنَ الله! مُرِيدِ ڪامِل جي ڪيفيت ڏسو! اڃا مُرِيد به ناهي ٿيو، پِيرِ ڪامِل جي خوشبو پهريان ئي کان اچي رهي آهي۔ اسٽيشن ئي تي هڪ جڳھ تي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه غسل فرمايو، نوان ڪپڙا پاتا، پوءِ خانقاه برڪاتيه ۾ حاضِر ٿي ويا۔
جڏهن خانقاه برڪاتيه جي شيخِ ڪامِل، تاجدارِ مارهره، امام الاولياء حضرت مولانا شاھ آل رسول مارهروي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمتِ بابرڪت ۾ پهتا ته شاھ آلِ رسول رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڏسندي ئي فرمايو: اچو! اسان ته ڪيئي ڏينهن کان انتظار ڪري رهيا آهيون۔([2])
اللهُ اَڪبَر! پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غور فرمايو! مُرِيدِ ڪامِل کي اسٽيشن ئي تان پِيرِ ڪامِل جي خوشبو محسوس ٿي رهي آهي ۽ پِيرِ ڪامِل آهن جو ڪيئي ڏينهن کان انتظار فرمائي رهيا آهن۔ خير! شاھ آلِ رسول رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي بيعت ڪيو ۽ انهيء وقت سلسله عاليه قادريه، سلسله چشتيه، سلسله سهرورديه، سلسله نقشبنديه مطلب تمام سلسلن جي اجازت ۽ خِلافت عطا فرمائي۔ ان سان گڏوگڏ جيڪي تبرڪات بزرگن کان هلندا پئي آيا، اهي سڀئي پڻ عطا فرمايا، هڪ صندوقچي به عطا ڪئي جنهن کي وظيفي جي صندوقچي چئبو آهي۔
هاڻي هتي غور فرمايو! اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه اڃا پِيرِ ڪامِل جي بارگاھ ۾ حاضِر ٿيا آهن، اڃا بيعت ڪئي ئي آهي جو پِيرِ ڪامِل سندن تي ايتري عنايت ۽ لطف فرمايو۔ پهرين ئي ملاقات ۾ شاھ آلِ رسول رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون ايتريون عنايتون ڏسي سمورا مُرِيد حيران هئا، ان وقت شاھ آلِ رسول رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا جانشين ۽ پوٽا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami