Share this link via
Personality Websites!
آهي، جيئن هر مومن اَعمَال ۽ تقويٰ جو حاجت مند آهي، ايئن ئي هر متقي وسيلي جو محتاج آهي۔([1])
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد
اعليٰ حضرت امامِ اهلسنت، امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: بيعت جي لاءِ لازِم آهي ته پِير 4 شرطن جو جامِع هجي؛ (1): صحيح العقيده سُنّي هجي (2): ايترو عِلم رکندو هجي جو پنهنجي ضرورت جا مسئلا ڪتابن مان ڪڍي سگھي (3): فاسِقِ مُعلِن (يعني اِعلانيه گُنَاھ ڪرڻ وارو) نه هجي (4): ان جو بيعت وارو سلسلو نبي ڪريم، رءوف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تائين مُتَّصِل (يعني مليل) هجي۔ جتي انهن شرطن مان ڪو هڪ شرط گھٽ آهي، بيعت جائِز نه آهي۔([2])
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد
اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي پِيرِ ڪامِل جي نگاھ ۾
1294 هجري جو واقعو آهي، ان وقت اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عمر مبارڪ 22 سال هئي، هڪ ڏينهن سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪجھ سوچي روئڻ لڳا ۽ روئندي روئندي سمهي پيا، خواب ۾ ڏٺائون ته سندن ڏاڏو حضرت مولانا مفتي رضا علي خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آيو آهي ۽ هڪ صندوقچي (ننڍڙي پيتي) ڏئي فرمايائون: عنقريب اهو شخص اچڻ وارو آهي جيڪو توهان جي دِل جي درد جي دَوا ڪندو۔
اڳئين ئي ڏينهن حضرت مولانا شاھ عبد القادِر بدايوني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه آيا ۽ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي ساڻ وٺي مارهره ڏانهن ويا، مارهره شريف جي اسٽيشن تي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami