Book Name:Talib e Ilm e Deen Par Karam Ho Gaya
نئون ٺهيل هجي ان تي نه هلو. فتاوٰي شامي ۾ آهي: (قبرستان ۾ قبرون ڊاهي ڪري) جيڪو نئون رستو ڪڍيو ويو ان تي هلڻ حرام آهي * بلڪ نئين رستي جو صرف گمان (يعني شڪ) هجي تڏهن به ان تي هلڻ ناجائز و گناھ آهي * ڪيئي ولين جي مزارن تي ڏٺو ويو آهي ته زائرين جي سهولت جي خاطر مسلمانن جون قبرون مِسۡمار (يعني ڀَڃي) ڪري فرش ٺاهيو ويندو آهي، اهڙي فرش تي سمهڻ، هلڻ، بيهڻ، تلاوت ۽ ذڪر و اذڪار جي لاءِ ويهڻ وغيره حرام آهي، جتي اهڙي صورتحال هجي اتي پري کان ئي فاتحه پڙهي وٺو * قبر جي مٿان اگربَتي نه ٻاري وڃي جو ان ۾ بي ادبي ۽ بدفالي آهي، ها جيڪڏهن(حاضرين کي) خوشبو (پهچائڻ) جي لاءِ (لڳائڻ چاهين ته) قَبۡر جي ويجهو خالي جڳھ هجي ته اُتي لڳايو جو خوشبو پهچائڻ محبوب (يعني پسنديده) آهي قبرن جي زيارت جي لاءِ هي 4 ڏينهن بهتر آهن: سومر، خميس، جمعو، ڇنڇر. جمعي جي ڏينهن بعد نمازِ صبح زيارتِ قبورِ افضل آهي. ([1]) مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.
لوٹنے رحمتیں قافلے میں چلو سیکھنے سنتیں قافلے میں چلو
ہوں گی حل مشکلیں قافلے میں چلو ختم ہوں شامتیں قافلے میں چلو
الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ